اسلام آباد - 26 نومبر (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت جي نااھلي سبب افغان عوام غربت، بک ۽ بدحالي سبب شديد انساني بحران جو شڪار آھي. تفصيلن مطابق سخت سيءَ ۾ ظالم ۽ نالائق افغان طالبان رجيم تحت افغان ٻار ناقص لباس ۾ موت جو منتظر آھن. پرڏيهي ميڊيا مطابق افغانستان ۾ سياري جي مند سبب ڪيترائي ڪٽنب شديد مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن. اتي سياري ۾ ٻار …
افغان طالبان حڪومت جي نااھلي سبب افغان عوام غربت، بک ۽ بدحالي سبب شديد انساني بحران جو شڪار

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت جي نااھلي سبب افغان عوام غربت، بک ۽ بدحالي سبب شديد انساني بحران جو شڪار آھي. تفصيلن مطابق سخت سيءَ ۾ ظالم ۽ نالائق افغان طالبان رجيم تحت افغان ٻار ناقص لباس ۾ موت جو منتظر آھن. پرڏيهي ميڊيا مطابق افغانستان ۾ سياري جي مند سبب ڪيترائي ڪٽنب شديد مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن. اتي سياري ۾ ٻار ناقص ڪپڙن سان زندگي گذاري رھيا آھن، افغانستان ۾ وڏيپيماني تي غربت شھرين جي مصيبت کي وڌيڪ وڌائي رھي آھي. افغان شھرين جو چوڻ آھي ته اسان شديد غذائي کوٽ جو شڪار آھيون، ٻارن وٽ پائڻ لاءِ جوتا ۽ گرم جيڪيٽون نه آھن، اسان پنھنجن ٻارن کي سخت سيءَ کان محفوظ نه ٿا رکي سگھون. ميڊيا مطابق اھا صورتحال افغانستان جي وسيع انساني بحران جو منظر پيش ڪري ٿي. گڏيل قومن مطابق ھن سال 20 ملين افغان شھري شديد مشڪلاتن سبب انساني امداد جا محتاج آھن. افغان شھرين کي تعليم، روزگار ۽ بنيادي سھولتن کان محرومي طالبان جي بدعنواني جو دليل آھي.











