خيبرپختونخوا جي گورنر سان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين جي ملاقات

پشاور-26 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ بادشاهي مسجد لاهور جي خطيب مولانا عبدالخبير آزاد ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب ملاقات ۾ علائقائي حالتن، مذهبي هم آهنگي ۽ پاڪستان کي درپيش چئلينجز بابت ڳالهيون ڪيون ويون. مولانا عبدالخبير آزاد افغانستان جي هاڻوڪي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان هميشه ان تي احسان …

پشاور-26 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ بادشاهي مسجد لاهور جي خطيب مولانا عبدالخبير آزاد ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب ملاقات ۾ علائقائي حالتن، مذهبي هم آهنگي ۽ پاڪستان کي درپيش چئلينجز بابت ڳالهيون ڪيون ويون. مولانا عبدالخبير آزاد افغانستان جي هاڻوڪي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان هميشه ان تي احسان ڪيا پر افسوس اڄ ان جي ئي ڏاڍ جو نشانو بڻيل آهي. هن چيو ته ٽن کان چار ڪلاڪن جي هاڻوڪي جنگ ڀارت جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو جنهن کانپوءِ هو هڪ دفعو ٻيهر افغانستان ۾ پنهنجي پراڻن رابطن ۽ سازشي ڄار کي بحال ڪري سرگرم آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر پاڻ افغانستان لاءِ به نقصانڪار آهي. گورنر چيو ته پاڪستان ۾ هر دهشتگردي ۾ افغانستان ملوث آهي جنهن جي پٺڀرائي ڀارت ۽ اسرائيل ڪري رهيا آهن پر پاڪ فوج ۽ عوام متحد ٿي انهن سازشن کي ناڪام بڻائي رهيا آهن. هن ملڪ ۾ فرقيواراڻي هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته مذهبي قيادت قومي اتحاد لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري اختلافن کي ڀڙڪائڻ بدران اتحاد ۽ برداشت جي بياني کي هٿي، نوجوانن ۽ عوام ۾ اشتعال بدران ذميواري ۽ صبر جو پيغام عام ڪيو وڃي.

مزید خبریں