رياض -26 نومبر (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي رياض ۾ سعودي عرب جي راندين واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن ترڪي الفيصل سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺائڻ، نوجوانن جي راندين ذريعي هاڪاري سرگرمين ۾ شموليت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ راندين جي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. محسن نقوي چيو ته شهزاده عبدالعزيز بن ترڪي الفيصل ويزن 2030ع …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي سعودي عرب جي راندين واري وزير سان ملاقات

مزید خبریں
رياض -26 نومبر (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي رياض ۾ سعودي عرب جي راندين واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن ترڪي الفيصل سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺائڻ، نوجوانن جي راندين ذريعي هاڪاري سرگرمين ۾ شموليت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ راندين جي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. محسن نقوي چيو ته شهزاده عبدالعزيز بن ترڪي الفيصل ويزن 2030ع تحت راندين جي شعبي کي غير معمولي انداز ۾ اڳيان وڌائي رهيو آهي ۽ سعودي قيادت جي سرپرستي ۾ ملڪ وڏي عالمي ٽورنامينٽ جي ميزباني حاصل ڪري هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. هن خاص اي ايف سي ايشين ڪپ 2027ع، ايشين ونٽر گيمز 2029، ايشين گيمز 2034ع ۽ فيفا ورلڊ ڪپ 2034ع جي ميزباني حاصل ڪرڻ تي سعودي عرب جي راندين واري وزير کي مبارڪون ڏنيون. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به غور ڪيو ويو ته سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ جي انفراسٽرڪچر جي ترقي، گڏيل ٽريننگ پروگرامز، گڏيل دورن ۽ جونيئر ۽ يوٿ ليول ٽورنامينٽ ذريعي ٻنهي ملڪن جي نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب راندين، خاص ڪري ڪرڪيٽ کي دوستي ۽ علائقائي هم آهنگي جو مضبوط پل بڻائيندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ٿيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپيل ادارا رابطن کي وڌيڪ تيز ڪندا ۽ عملي منصوبا بندي ذريعي جلد گڏيل قدمن کي حتمي شڪل ڏني ويندي ته جيئن نوجوانن کي وڌ کان وڌ هاڪاري موقعا فراهم ڪري سگهجن.











