اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو نئون مثال بڻجي ويو آهي. فيز ون دوران 43 منصوبا مڪمل ڪيا ويا جن تي 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي، نه رڳو پاڪستان جي بنيادي ڍانچي ۾ وڏي تبديلي جو سبب بڻيو پر خطي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺائڻ …
سي پيڪ جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل، ٻيو مرحلو پاڪستان جي معاشي ترقي جو نئون دور ثابت ٿيندو

مزید خبریں
اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو نئون مثال بڻجي ويو آهي. فيز ون دوران 43 منصوبا مڪمل ڪيا ويا جن تي 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي، نه رڳو پاڪستان جي بنيادي ڍانچي ۾ وڏي تبديلي جو سبب بڻيو پر خطي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ توانائي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو ويو. مختلف توانائي منصوبن ذريعي 8800 ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي. جنهن سان ملڪ ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري توانائي بحران ۾ واضح گهٽتائي آئي. روڊ نيٽ ورڪ، پلون ۽ ٽرانسپورٽ جي ٻين منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان واپاري چر پر ۾ بهتري آئي ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ نوان رستا کليا. سي پيڪ جي ٻي مرحلي کي پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي. ان مرحلي ۾ خاص اقتصادي زونز جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي جن ذريعي ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ نمايان اضافو ۽ لکين روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي. زرعي شعبي م سهڪار به فيز ٽو جو اهم حصو آهي، جديد ٽيڪنالاجي، مشينري ۽ چيني مارهن جي مدد سان پاڪستان جي زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جا قدم کنيا ويندا. سي پيڪ جي ٻي مرحلي جي شروعات پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي جا نوان دروازا کوليندي.ماهرن مطابق سي پيڪ جو ٻيو مرحلو نه رڳو پاڪستان جي صنعتي بنياد کي مضبوط ڪندو پر خطي ۾ واپاري رابطن، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ مجموعي اقتصادي ترقي لاءِ نوان رستا کوليندو.











