اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان گڏيل عرب امارات جي سفير سالم محمد سالم الزعابي گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارت ويجها برادر اسلامي ملڪ آهن. پاڪستان امارات سان برادراڻي لاڳاپن کي قدر جي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان گڏيل عرب امارات جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان گڏيل عرب امارات جي سفير سالم محمد سالم الزعابي گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارت ويجها برادر اسلامي ملڪ آهن. پاڪستان امارات سان برادراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي شاندار ميزباني تي پاڪستان امارات جو شڪرگذار آهي. پارلياماني تعاون سان ٻطرفا رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا گڏيل مفاد خطي ۾ استحڪام جا ضامن آهن. ان موقعي تي گڏيل عرب امارتن جي سفير چيو ته پاڪستان اسان لاءِ انتهائي محترم ۽ ويجهو ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. پرڏيهي پاڪستاني يواي اي جي ترقي ۾ اهم ڪردارا دا ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ افرادي قوت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











