وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 کان 27 نومبر تائين بحرين جو سرڪاري دورو ڪندو. سندس وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير ۽ اعليٰ آفيسر شامل آهن. دوري دوران وزيراعظم محمد …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 کان 27 نومبر تائين بحرين جو سرڪاري دورو ڪندو. سندس وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير ۽ اعليٰ آفيسر شامل آهن. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفه ۽ بحرين جي نائب وزيراعظم شيخ خالد بن عبدالله الخليفه سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندا. هي سرڪاري دورو بحرين سان پاڪستان جي پُراڻن خوشگوار لاڳاپن جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڀائتي ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي فروغ ڏيڻ آهي. ان دوري سان روايتي طور تي گرمجوشي وارن ۽ خوشگوار لاڳاپن کي هٿي ملندي، ڀائيواري جا نوان رستا کُلندا ۽ عوام کان عوام جي رابطن کي گهرو ڪيو ويندو، جيڪو گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون ۾ حصو وجهندو.

مزید خبریں