اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش بحريه جي وفد ڪمانڊر چٽاگرام (COMCHIT) ريئر ايڊمرل محمد معين الحسن جي قيادت ۾ جاري ٻه طرفي سامونڊي مصروفيتن تحت نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب دؤري دوران وفد جي سربراهه ايڊمرل محمد معين الحسن، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل پيشيوراڻن دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ …
چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان بنگلاديشي بحريه جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل محمد معين الحسن جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش بحريه جي وفد ڪمانڊر چٽاگرام (COMCHIT) ريئر ايڊمرل محمد معين الحسن جي قيادت ۾ جاري ٻه طرفي سامونڊي مصروفيتن تحت نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب دؤري دوران وفد جي سربراهه ايڊمرل محمد معين الحسن، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل پيشيوراڻن دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جن ۾ ٻه طرفي سامونڊي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي سلامتي جي طريقيڪار کي هٿي وٺرائڻ شامل هو. ٻنهي معززن آپريشنل رابطن کي وسيع ڪرڻ، ڄاڻ جي مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ ٻنهي بحريه وچ ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار جي نئين راهن جي تلاش جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. بنگلاديشي بحريه جي وفد جو دؤرو ٻنهي بحريه وچ ۾ پائيدار ناتن جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ پيشيوراڻن رابطن، آپريشنل هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي سامونڊي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.











