ڪراچي-25 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري بنون ۾ خوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پشت پناهي ۾ سرگرم خوارج جي 22 حملي آورن جو وقت سر خاتمو ڪري قوم کي هڪ وڏي خطري کان محفوظ بڻايو. هن چيو ته عزم استحڪام تحت پاڪ فوج ۽ …
سنڌ جي گورنر پاران بنون ۾ خوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش

مزید خبریں
ڪراچي-25 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري بنون ۾ خوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پشت پناهي ۾ سرگرم خوارج جي 22 حملي آورن جو وقت سر خاتمو ڪري قوم کي هڪ وڏي خطري کان محفوظ بڻايو. هن چيو ته عزم استحڪام تحت پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو عزم فخر جوڳو آهي. ڪامران خان ٽيسوري وڌيڪ چيو ته دهشتگردي کي مڪمل طور تي چٿڻ لاءِ سڄي قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن شهيدن ۽ غازين کي قوم جو حقيقي فخر قرار ڏيندي چيو ته وطن جي بهادر جوانن جي جرئت ۽ قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا.











