وفاقي گادي واري شهر ۾ هلندڙ مهيني ٿيندڙ خودڪش حملي جي منصوبابندي افغانستان مان ٿي، جاچ ۾ حملي آور جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جڏهن ته حملي ۾ معاونت ۾ ملوث چار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر ۾ هلندڙ مهيني ٿيندڙ خودڪش حملي جي منصوبابندي افغانستان مان ٿي. جاچ ۾ حملي آور جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جڏهن ته حملي ۾ معاونت ۾ ملوث چار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پريس ڪانفرنس دوران صحافين کي ٻڌايو ته 11 نومبر تي ٿيندڙ ڌماڪي جنهن ۾ 12 بيگناهه شهري مارجي ويا ۽ …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر ۾ هلندڙ مهيني ٿيندڙ خودڪش حملي جي منصوبابندي افغانستان مان ٿي. جاچ ۾ حملي آور جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جڏهن ته حملي ۾ معاونت ۾ ملوث چار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پريس ڪانفرنس دوران صحافين کي ٻڌايو ته 11 نومبر تي ٿيندڙ ڌماڪي جنهن ۾ 12 بيگناهه شهري مارجي ويا ۽ 28 زخمي ٿيا، هڪ افغان شهري رش واري جڳهه تي ڌماڪو ڪيو. هن چيو ته ان موقعي تي اڳ کان موجود سيڪيورٽي انتظامن وڏي تباهي ٿيڻ کان روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جاچ ادارن اهو نتيجو اخذ ڪيو آهي ته حملي جي منصوبابندي افغانستان مان ٿي. هن شڪي منصوباساز جو نالو ساجد الله عرف شينا ٻڌايو جنهن سرحد پار عسڪري تربيت حاصل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير موجب سيڪيورٽي فورسز حملي جي رڳو ٻن ڏينهن جي اندر چار شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. هن انٽيليجنس بيورو ڊويزن (آءِ بي ڊي) ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي موثر ڪارڪردگي کي ساراهيو. گرفتار ڪيل ساجد الله، ڪامران خان، محمد زالي ۽ شاهه منير تي  الزام آهي ته انهن ڌماڪي جي منصوبابندي ۾ مدد ڪئي ۽ اها خودڪش جيڪٽ فراهم ڪئي جيڪا حملي آور استعمال ڪئي. حملي آور جي سڃاڻپ افغان شهري عثمان شنواري جي طور تي ٿي جيڪو صوبي ننگرهار جو رهواسي هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ساجد الله عرف شينا 2015ع ۾ افغانستان ۾ تحريڪ طالبان ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ڪيترين ئي عسڪري ڪئمپن ۾ تربيت حاصل ڪئي. هن 2023ع ۾ ۽ پوءِ آگسٽ 2025ع ۾ پنهنجي سينيئر ليڊرز جن ۾ داد الله ۽ نور ولي محسود شامل آهن، سان ملاقات ڪئي جتي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ حملن جي منصوبابندي ڪئي وئي. جاچ ادارن وٽ اعتماد جوڳا ثبوت موجود آهن ته ساجد الله بعد ۾ شنواري کي هايئر ڪيو ۽ ان کي خودڪش جيڪٽ فراهم ڪئي ۽ ڪيترائي ممڪن هدف پڻ ڏيکاريا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ساجد الله جي اعترافي بيان موجب خودڪش جيڪٽ پشاور جي هڪ قبرستان مان کنئي وئي ۽ ڳڙهه جي هڪ ٽرڪ جي ذريعي راولپنڊي اسمگل ڪئي وئي. شنواري مقامي هوٽل ۾ ٻه ڏينهن رهيو ۽ ان کانپوءِ ان کي هڪ ٻئي آپريٽر جي حوالي ڪيو ويو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته انٽيليجنس ادارن آءِ بي ڊي ۽ سي ٽي ڊي هڪ وڏي دهشتگرد نيٽ ورڪ جو پڙدو فاش ڪيو ۽ ٻن ڏينهن جي اندر چار شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. هن سيڪيورٽي ادارن جي موثر ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ آءِ بي ڊي ۽ سي ٽي ڊي جي وقت سر ڪارروائي کي ساراهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ساجد الله عرف شينا جي اعترافي بيان تي ٻڌل هڪ ڊيو پڻ ڏيکاري جيڪا خودڪش حملي آور جو مرڪزي رابطي ڪار ۽ سهولتڪار هو. ساجد الله عرف شينا پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو ته ”آئون 2016ع ۾ ڪنڙ افغانستان ويس جتي منهنجي ملاقات ابو حمزه سان ٿي جيڪو امارات اسلاميه جو ڪانڊر هو. هڪ مهينو اتي رهي ٽريننگ ورتي ۽ واپس پاڪستان اچي ويس. 2023ع ۾ ٻيهر افغانستان ويس ۽ ابو حمزه جي ڊيري تي رهيس. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ تحريڪ طالبان جي ڪمانڊر داد الله سان ملاقات ٿي هن پنهنجي بيعت تي مجبور ڪيو. اڄ کان 6 مهينا اڳ داد الله ٻيهر رابطو ڪيو ۽ پنهنجي ساٿي سان گڏ افغانستان اچڻ جو چيو. آئون ۽ محمد زالي افغانستان جلال آباد وياسين، اتي هن چيو ته ڪابل اچي وڃو، اتي اسان هوٽل ۾ ماني کاڌي ۽ ان جي گهر هليا وياسين، هن چيو ته هڪ شخص آهي جيڪو خودڪش حملو ڪندو، ان کي جيڪٽ پهچائڻي آهي، اسان اتي هڪ رات گذاري واپس اچي وياسين ۽ ان سان رابطي ۾ هئاسين. هن چيو ته اسان توهان کي تصويرون موڪليون ٿا توهان اتي قبرستان وڃي خودڪش جيڪٽ کڻي وڃو، جڏهن اسان پشاور آياسين ته قبرستان ۾ هڪ قبر جي مٿان ڪاري ۽ اڇي رنگ جا پٿر پيل هئا جتي خودڪش جيڪٽ رکيل هئي، اها جيڪٽ کڻي مون ڳڙهه جي ٻوري ۾ رکي ۽ اسلام آباد پهچي ويس، اسلام آباد پهچي اها جيڪٽ مون هڪ نالي ۾ رکي ۽ شاهه منير نالي شخص وٽ اچي ويس ۽ ان کي جيڪٽ بابت ٻڌايو ۽ اها جيڪٽ ان جي حوالي ڪري ڇڏي هن پنهنجي دڪان ۾ رکي ڇڏي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پيغام آيو ته توهان وٽ ٻن ٽن ڏينهن ۾ عثمان نالي شخص افغانستان مان ايندو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن هتي پهچي پنهنجي تصوير موڪلي، مون اها جڳهه سڃاڻي ورتي ۽ ان کي پاڻ سان گڏ وٺي آيس، هڪ ٻه ڏينهن هو مون سان گڏ رهيو، گهروارن کي ٻڌايو ته هي مهمان آهي، اتان آئون ان کي منير نالي شخص وٽ وٺي آيس، اتي به هڪ ٻه ڏينهن رهيس ۽ پوءِ محمد زالي ڪمرو ڪرائي تي ورتو جتي هي رهندو هو، ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ مون ان کي چيو ته پنهنجي رهڻ جي جڳهه جو پاڻ بندوبست ڪر، جمعي ڏينهن محمد زالي مون کي ڪال ڪئي ته جي اليون ڪچهري ۾ وڃڻو آهي، اتي پوليس وارا وڌيڪ هوندا آهن، اڱاري جي صبح 10 وڳي مون شاهه منير کي فون ڪئي، شاهه منير کان جيڪٽ ورتي ۽ محمد زالي سان گڏ خودڪش بمبار کي جيڪٽ پارائي، جيڪٽ پارائڻ کانپوءِ قاري عثمان جيڪو پاڻ خودڪش بمبار هو، ان دعا ڪرائي، ان کانپوءِ هو بائيڪيا تي ويهي جي اليون ڪچهري ويو ۽ اسان کي هڪ وڳي اطلاع ملي ته هن خودڪش حملو ڪري ڇڏيو آهي.“

مزید خبریں