وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي اردشير لاريجاني جي ملاقات

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران زراعت، مواصلا سميت گڏيل طور تي فائديمند مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي اردشير لاريجاني وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر لاريجاني هن وقت پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران زراعت، مواصلا سميت گڏيل طور تي فائديمند مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي اردشير لاريجاني وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر لاريجاني هن وقت پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ايراني مهمان جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ تي زور ڏنو. ڊاڪٽر لاريجاني پڻ وسيع ۽ گڏيل طور تي فائديمند شعبن ۾ پاڪستان ايران لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات دوران ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم علائقائي مسئلن تي ايران جي اصولي موقف کي ساراهيو ۽ مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان ايران جي يڪجهتي تي ٿورا مڃيا. هن ٻنهي ملڪن جي پرامن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڊاڪٽر لاريجاني تازي 12 ڏينهن واري جنگ دوران ايران جي اڻٿڪ حمايت تي پاڪستاني قوم ۽ قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي وڪالت ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي ۽ صدر مسعود پيز شڪيان جي لاءِ احترام ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي حمايت ۽ پاڪستان ايران لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم تي ان جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ طئي ٿيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ هڪ وفد جلد ايران جو دورو ڪندو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي زراعت ۽ رابطن/ مواصلات ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي.

مزید خبریں