پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، ڀارت سان جنگ دوران ايران جي مسلسل حمايت تي ايران جا ٿورائتا آهيون ۽ اسرائيلي جارحيت جي ڏس ۾ ايران جي لاءِ پاڪستان جي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، ڀارت سان جنگ دوران ايران جي مسلسل حمايت تي ايران جا ٿورائتا آهيون ۽ اسرائيلي جارحيت جي ڏس ۾ ايران جي لاءِ پاڪستان جي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر علي لاريجاني ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني جي ايوان صدر اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ذميواري سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسلام آباد ۽ تهران جي وچ ۾ ٿيندڙ گڏيل مٽاسٽا ٻطرفي لاڳاپن م مثبت رفتار جي عڪاسي ڪري ٿي. هن گذريل آگسٽ ۾ ايراني صدر سان ملاقات جو گرمجوشي سان ورجاءُ ڪيو. هن تازي ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي ايراني قيادت جا ٿورا مڃيا جنهن ۾ ايراني هلال احمر جي موڪليل انسان دوست امداد پڻ شامل هئي. هن چيو ته پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ تعاون لازمي آهي ۽ بنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد ۾ آهي. ڳالهه ٻولهه دوران صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن ڀارت سان جنگ دوران ايران جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ اسرائيلي جارحيت جي ڏس ۾ ايران جي لاءِ پاڪستان جي سياسي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن تازي جنگ دوران ايراني عوام جي حوصلي جي عزم کي ساراهيو ۽ سپريم ليڊر جي قيادت کي ساراهيو. هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام جي لاءِ ايران جي اصولي حمايت تي پڻ ٿورا مڃيا. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ٻطرفي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته واپار کي سپورٽ ڪرڻ ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ريل لنڪ کي ترجيحي بنيادن تي مضبوط بڻايو وڃي. هن چيو ته بهتر رابطاڪاري واپارين ۽ مسافرن، خاص طور تي زائرين جي لاءِ آساني ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي گهرو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر آصف علي زرداري ايران – پاڪستان گئس پائيپ لائين جي حوالي سان پاڪستان جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي گڏيل طور تي قابل عمل حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اسلام آباد ۾ تازي فني سطح جي ڳالهه ٻولهه جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان تهران سان ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جو خواهشمند آهي. ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني سپريم ليڊر آيت الله علي حسيني خميني ۽ صدر مسعود پيز شڪيان پاران صدر آصف علي زرداري کي نيڪ خواهشن ۽ سلامتي جو پيغام پهچايو. هن هن سال ٿيندڙ 12 ڏينهن واري جنگ دوران پاڪستان جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت تي ٿورا مڃيا. هن تازن واقعن ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي بهادري ۽ ڪاميابي کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان جي فتح اسان جي پنهنجي فتح آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ پاڪستاني مصنوعات کي ايران ۾ ترجيحي پهچ ڏيڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جنهن سان 10 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپاري هدف کي حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿي آهي. صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني کي چيو ته ايران جي سپريم ليڊر کي سندس پاران سلامتي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو وڃي. ان ملاقات ۾ خطي ۽ عالمي صورتحال سان گڏوگڏ سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خلاف ڪارروائي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي.

مزید خبریں