ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز باقاعده ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي، پهريون باضابطا اجلاس منعقد

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز باقاعده ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اها ڪميشن پاڪستان حڪومت پاران صحافين جي مسئلن جي حل جي ڏس ۾ اهم قدم آهي. ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف دي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي ذاتي ڪوششن سان ڪميشن جي ميمبرن جو نوٽيفڪيشن …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز باقاعده ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اها ڪميشن پاڪستان حڪومت پاران صحافين جي مسئلن جي حل جي ڏس ۾ اهم قدم آهي. ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف دي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي ذاتي ڪوششن سان ڪميشن جي ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ڪميشن جو پهريون باضابطا اجلاس ڪمال الدين ٽيپو جي صدارت ۾ ٿيو. اها ڪميشن پاڪستان حڪومت پاران عالمي معيار ۽ بهترين عالمي پريڪٽسز کي نظر ۾ رکندي قائم ڪئي وئي آهي. صحافين جي آزاداڻي ۽ خودمختياراڻي ڪم کي يقيني بڻائڻ ڪميشن جو روح آهي. ڪميشن صحافين جي تحفظ جي حوالي سان آزاداڻي ۽ شفاف طريقي سان ڪم ڪندي. ڪميشن شڪايتن جو نظام جوڙي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪميشن جا قاعدا ۽ ضابطا ٺاهڻ جي لاءِ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ڪميشن ڊيجيٽائيزيشن جي ذريعي ويب پورٽل ۽ جديد طريقا اختيار ڪندي جڏهن ته ٽريننگ ۽ سيمينارز منعقد پڻ ڪيا ويندا. ڪميشن جي اجلاس ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ ڊي جي انساني حقن واري ڪميشن، سڄي ملڪ جي مرڪزي نمائنده صحافتي تنظيمن سان تعلق رکندڙ بورڊ ميمبرن نواز رضا، خليل احمد، طاهر حسن، نويد اڪبر، حسن عباس، تمثيله قريشي ۽ ناديه صبوحي شرڪت ڪئي.

مزید خبریں