نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف جي وفدن جي سطح تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان پاڪستان جي تيل ۽ گئس، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، گوشت ۽ چوپائي مال ۽ هوٽلنگ جي شعبن ۾ آذربائيجان جي ممڪن سيڙپڪاري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ انهن شعبن ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان پاڪستان جي تيل ۽ گئس، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، گوشت ۽ چوپائي مال ۽ هوٽلنگ جي شعبن ۾ آذربائيجان جي ممڪن سيڙپڪاري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ انهن شعبن ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي دوري تي آيل آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف سان وفدن جي سطح تي اجلاس دوران خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي طرفن پاڪستان جي تيل ۽ گئس، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، گوشت ۽ چوپائي مال ۽ هوٽلنگ، مهمان نوازي جي شعبن ۾ آذربائيجان جي ممڪن سيڙپڪاري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ انهن شعبن ۾ تعاون جي اضافي رستن کي ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں