اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گادي واري شهر ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ دانش يونيورسٽي جي منصوبن جي تڪميل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته تعميراتي ڪم جي لاءِ بهترين معيار رکندڙ ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ادائيگي ٿرڊ پارٽي تصديق کانپوءِ ڪئي وڃي، متاثرين کي معاوضي جي ادائيگي ۾ ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيڻ …
وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ دانش يونيورسٽي جي منصوبن جي تڪميل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گادي واري شهر ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ دانش يونيورسٽي جي منصوبن جي تڪميل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته تعميراتي ڪم جي لاءِ بهترين معيار رکندڙ ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ادائيگي ٿرڊ پارٽي تصديق کانپوءِ ڪئي وڃي، متاثرين کي معاوضي جي ادائيگي ۾ ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڪو حقدار محروم نه رهي ۽ غيرمستحق فائدو نه کڻي وڃي، ان ۾ ڪا سياست نه ٿيندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ دانش يونيورسٽي جي سائيٽس جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ٻنهي منصوبن جي تعمير بابت مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته تعميراتي ڪم جي لاءِ بهترين معيار رکندڙ ڪمپنيون جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ان جي لاءِ پري ڪواليفڪيشن ٿيڻ گهرجي، ادائيگي ٿرڊ پارٽي تصديق کانپوءِ ڪئي وڃي، جن ماڻهن کان زمين ورتي وڃي انهن کي ادائيگي دوران ڪنهن سان زيادتي نه ٿيڻ گهرجي، گوگل سان به ان جي ميپنگ ڪئي وڃي ته جيئن ڪو حقدار محروم نه رهي ۽ غيرمستحق غلط فائدو نه کنيو وڃي. هن چيو ته ان ۾ ڪا سياست نه ٿيندي، سمورو عمل شفاف ۽ منصفاڻي طريقي سان مڪمل ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاور ڊويزن واري وفاقي وزير ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير جي نگراني ۾ اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ گهرجي ۽ اهي ان جي ذاتي طور تي نگراني ڪن. وزيراعظم چيو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ دانش يونيورسٽي جي مئنيجمينٽ سميت سمورا معاملا ڊيجيٽائيز ٿيڻ گهرجن ۽ عالمي معيار جو پيپرليس ۽ فيس ليس نظام هجڻ گهرجي. هن چيو ته ترقياتي عمل ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، رستن جي تعمير ۾ معياري ڪم کي يقيني بڻايو وڃي ۽ هارٽيڪلچر جو پڻ پلان ۾ شامل هجڻ گهرجي. ان کان اڳ سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ماهرن جي مشاورت سان پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي، ايڇ 16 سيڪٽر انسٽيٽيوشنل سيڪٽر آهي، سرينگر هاءِ وي سان گڏ ان سيڪٽر ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ دانش يونيورسٽي جا ٻه وڏا منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن. جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي لاءِ 600 ڪينال ۽ دانش يونيورسٽي جي لاءِ 800 ڪينال زمين رکي وئي آهي، ان سان گڏوگڏ ڪمرشل سيڪٽر جي لاءِ 200 ڪينال مختص ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ اسلام آباد ماڊرن جيل جو منصوبو پڻ هتي مڪمل ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته سرينگر هاءِ وي انٽرچينج جي تعمير جي لاءِ اين ايڇ اي ڪم ڪري رهيو آهي، واٽر سپلاءِ جي لاءِ پڻ ڪم شروع ٿي چڪو آهي، ٻن مهينن ۾ اهو ڪم مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ دانش يونيورسٽي ۾ بجلي، گئس ۽ انٽرنيٽ جي سهولت جي فراهمي جو پلان تيار ڪيو ويو آهي، ٽاور ۽ گرڊ جي لاءِ جڳهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.











