جي اليون عدالت ۾ خودڪش حملي جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جي اليون عدالت ۾ خودڪش حملي جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون، ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه خوارج نور ولي محسود اسلام آباد ۾ وڏي تباهي جو منصوبو ٺاهيو هو، حملي جي فوري پوءِ سيڪيورٽي ادارن پوري ڪارروائي کي ٽريس ڪري نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪيو، انٽيليجنس بيورو …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جي اليون عدالت ۾ خودڪش حملي جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون، ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه خوارج نور ولي محسود اسلام آباد ۾ وڏي تباهي جو منصوبو ٺاهيو هو، حملي جي فوري پوءِ سيڪيورٽي ادارن پوري ڪارروائي کي ٽريس ڪري نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪيو، انٽيليجنس بيورو ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) گڏيل ڪارروائي دوران خودڪش حملي ۾ ملوث چار دهشتگردن کي گرفتار ڪيو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز م پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جي اليون اسلام آباد ڪچهري ۾ 11 نومبر تي ٿيندڙ خودڪش حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ان واقعي جي محرڪات، ان ۾ شامل عنصرن، منصوبابندي ڪندڙن ۽ لاڳاپيل تنظيم بابت حقيقتون قوم آڏو رکڻ ضروري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي انتظام سٺا هئا ان لاءِ دهشتگرد ڪنهن هاءِ سيڪيورٽي جڳهه تي نه پهچي سگهيا، ان لاءِ انهن کي اسلام آباد جي ڀرپاسي ۾ جيڪا پهرين جڳهه ملي ان کي ٽارگيٽ ڪيو. هن چيو ته انٽيليجنس بيورو ۽ سي ٽي ڊي خودڪش حملي جي 48 ڪلاڪن جي اندر چار جوابدارن کي وڏي مهارت سان گرفتار ڪيو، اهو آپريشن ٻنهي ادارن جو گڏيل قدم هو. سندس چوڻ هو ته حملي ۾ ملوث عنصرن ۾ سڀ کان پهرين ساجد الله عرف شينا کي حراست ۾ ورتو ويو جنهن کانپوءِ ڪامران خان، محمد زالي ۽ شاهه منير کي پڻ انٽيليجنس بيورو ۽ سي ٽي ڊي گرفتار ڪيو. هن چيو ته ساجد الله عرف شينا خودڪش بمبار کي وٺي آيو، هن 2015ع ۾ تحريڪ طالبان افغانستان ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ مختلف افغان تربيتي ڪئمپن ۾ ٽريننگ ورتي. 2023ع ۾ ان جي ملاقات داد الله نالي ڪمانڊر سان ٿي جنهن جي ذريعي ان حملي جي مڪمل منصوبابندي فتنه الخوارج ٽي ٽي پي جي سربراهه نورالله محسود ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته داد الله باجوڙ جو رهواسي آهي ۽ هن وقت افغانستان ۾ موجود آهي، خودڪش حملي جي سلسلي ۾ ساجد الله عرف شينا آگسٽ 2025ع ۾ افغانستان وڃي داد الله سان ملاقات ڪئي جڏهن ته هڪ ايپ جي ذريعي رابطي ۾ رهيا. هن چيو ته ساجد الله 2024ع ۾ پڻ جلال آباد ويو جتي هو داد الله سان گڏ ان ڪارروائي جي منصوبابندي ۾ مصروف رهيو، هن واپسي تي ٻن دهشتگردن محمد زالي ۽ ڪامران خان کي هائير ڪيو، آگسٽ 2025ع ۾ ساجد الله عرف شينا ۽ محمد زالي گڏجي داد الله سان ملڻ افغانستان ويا ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگرد عبدالله جان عرف ابو حمزه سان شيگل ڊسٽرڪٽ ۾ مليا ۽ اتي رات گذاري، اتان ڪابل پهتا جتي انهن جي داد الله سان ملاقات ٿي، داد الله کين نور ولي محسود جا حڪم پهچايا ته راولپنڊي اسلام آباد جي ڀرپاسي ۾ خودڪش حملا ڪرڻا آهن، انهن ڪابل ۾ پوري پلاننگ ڪئي، انهن جو هدف راولپندي ۽ اسلام آباد ۾ ڪنهن وڏي تخريبي ڪارروائي کي سرانجام ڏيڻ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ساجد الله عرف شينا پاڪستان واپس اچي خودڪش بمبار عثمان شنواري سان ملاقات ڪئي جيڪو ننگرهار افغانستان جو رهواسي آهي ۽ ان کي ساجد الله خودڪش جيڪٽ ۽ ٻيو مواد فراهم ڪيو، ساجد الله عرف شينا ۽ عثمان شنواري گڏجي مختلف جاين کي ڏسندا رهيا، اهي تمام وڏو نقصان ڪرڻ چاهيندا هئا، اهي ڪنهن اهم ٽارگيٽ کي هِٽ نه ڪري سگهيا ۽ وچ رستي ۾ ئي ڌماڪو ٿيو، اهي پنهنجي ٽارگيٽ تائين پهچي نه سگهيا جتي اهي تمام وڏو نقصان ڪرڻ چاهيندا هئا، تنهن هوندي به الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪ وڏي سانحي کان محفوظ رهيو، واقعي جي 48 ڪلاڪن جي اندر سي ٽي ڊي ۽ انٽيليجنس بيورو چئني جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جيترا به ماڻهو ان واقعي ۾ ملوث آهن انهن جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون، داد الله به افغانستان ۾ موجود آهي، واقعي جو مرڪزي ڪردار ساجد الله عرف  شينا تحريڪ طالبان افغانستان جو ميمبر رهيو، هن افغانستان جا ڪيترائي دورا ڪيا ۽ جي اليون خودڪش حملي جي پلاننگ پڻ ڪئي. پريس ڪانفرنس دوران ساجد الله عرف شينا جو اعترافي بيان پڻ ميڊيا کي ڏيکاريو ويو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته 2016ع ۾ افغانستان جي صوبي ڪنٽر ۾ ان جي ملاقات امارات اسلاميه جي ڪمانڊر ابو حمزه سان ٿي جتي هو مهينو رهيو ۽ تربيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس پاڪستان اچي ويو، هن چيو ته 2023ع ۾ هو ٻيهر افغانستان ويو ۽ ابو حمزه جي ڊيري تي رهيو جتي ڪجهه عرصي کانپوءِ تحريڪ طالبان جي ڪمانڊر داد الله سان ملاقات ٿي جنهن ان کي پنهنجي بيعت تي مجبور ڪيو. اعترافي بيان ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو ته 6 مهينا اڳ داد الله ٻيهر رابطو ڪري ساجد الله کي افغانستان اچڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پنهنجي ساٿي محمد زالي کي پڻ گڏ وٺي اچي. اتان داد الله انهن کي هڪ هوٽل ۾ ماني کارائڻ کانپوءِ ٻڌايو ته خودڪش حملي آور تائين جيڪٽ پهچائڻي آهي، اهي هڪ رات رهڻ کانپوءِ پاڪستان واپس اچي ويا ۽ مسلسل رابطي ۾ رهيا. ساجد الله بيان ۾ چيو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هدايت ملي ته هڪ قبرستان مان خودڪش جيڪٽ کنئي وڃي، پشاور پهچي هڪ قبر تي ڪاري ۽ اڇي پٿرن جي نشاندهي ڪئي وئي جتان هن جيڪٽ کڻي ڳُڙ جي ٻوري ۾ رکي ۽ اسلام آباد کڻي آيو. اسلام آباد ۾ جيڪٽ هڪ نالي جي ويجهو لڪائي رکي ڇڏي جنهن کانپوءِ هو شاهه منير وٽ پهتو ۽ جيڪٽ ان جي حوالي ڪري ڇڏي جنهن کي هن پنهنجي دڪان ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. بيان موجب بعد ۾ ان کي ٻڌايو ويو ته افغانستان مان عثمان نالي شخص ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ايندو، عثمان پاڪستان پهتو ته هن پنهنجي تصوير موڪلي جنهن جي بنياد تي ساجد الله ان کي سڃاتو ۽ پاڻ وٽ وٺي آيو. عثمان ٻه ڏينهن ان جي گهر مهمان جي طور تي رهيو، پوءِ هو ان کي شاهه منير وٽ وٺي ويو جتي هو وڌيڪ ڪجهه ڏينهن رهيو، بعد ۾ محمد زالي ان کي رهائش جي لاءِ هڪ ڪمرو ڪرائي تي وٺي ڏنو. اعترافي بيان ۾ چيو ويو ته ڪجهه عرصي کانپوءِ ساجد الله عثمان کي پنهنجي رهائش جو جدا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جمعي جي ڏينهن محمد زالي ٻڌايو ته انهن کي جي اليون عدالت وڃڻو آهي جتي پوليس اهلڪار وڌيڪ هوندا آهن. اڱاري جي صبح 10 وڳي ساجد الله شاهه منير کان جيڪٽ وصول ڪئي ۽ محمد زالي سان گڏجي عثمان کي خودڪش جيڪٽ پارائي، ان موقعي تي قاري عثمان دعا ڪرائي. بعد ۾ حملي آور بائيڪيا تي جي اليون ڪچهري روانو ٿيو ۽ ٻنپهر جو هڪ وڳي اطلاع ملي ته هن خودڪش ڌماڪو ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ساجد الله عرف شينا افغانستان سان تعلق، افغانستان مان خودڪش بمبار جي اچڻ، اتان سکيا وٺڻ ۽ ٻين معاملن جو اعتراف ڪيو، اهي ٺوس ثبوت آهن ته اهو خودڪش ڌماڪو ٽي ٽي اي ۽ ٽي ٽي پي گڏجي ڪيو ۽ خودڪش بمبار افغانستان جو رهواسي آهي، ٻيا ماڻهو به ڪنهن خودڪش ڌماڪي ۾ ملوث هئا. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج روزانو قربانيون ڏئي رهي آهي، پنهنجي شهرين کي محفوظ رکڻ جي لاءِ دهشتگردن سان وڙهي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته خودڪش ڌماڪي سان اسلام آباد جي اندر تمام وڏو نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ان واقعي جون سموريون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون. هن چيو ته اسان جون سيڪيورٽي ايجنسيون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پاڪ فوج پوري طرح متحرڪ آهن، انشاءَ الله دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو ۽ دهشتگردن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. وفاقي وزير چيو ته خودڪش ڌماڪي جي 48 ڪلاڪن جي اندر انٽيليجنس بيورو ۽ سي ٽي ڊي کي وڏي ڪاميابي ملي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شهرين جي تحفظ بابت وڏو فوڪس آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هٿياربند فوج به مڪمل طور تي متحرڪ آهي، وزيراعظم انٽيلي جنس بيورو ۽ سي ٽي ڊي جي ان وڏي ڪاميابي تي انهن کي ساراهيو آهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خوارج هاءِ ويليو ٽارگيٽ تائين نه پهچي سگهيا، سيڪيورٽي سخت هجڻ جي ڪري انهن رستي تي ئي بلاسٽ ڪيو، سمورا جوابدار پڪڙجڻ تمام وڏي ڪاميابي آهي، ان سان اڳتي جي واقعن جي روڪٿام ۾ مدد ملندي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو انهن عنصرن کي پنهنجي گهرن ۾ پناهه ڏين ٿا، انهن جو تمام وڏو ڏوهه آهي، اهڙي طرح جي ماحول جو تدارڪ تمام ضروري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خوارج نور ولي محسود پنهنجي ڪمانڊر داد الله کي افغانستان ۾ ويهي اهو ٽارگيٽ ڏنو، داد الله باجوڙ جو رهواسي آهي ۽ افغانستان ۾ رهيل آهي، هو ساجد الله عرف شينا ۽ محمد زالي سان ملاقاتون ڪندو رهيو.

مزید خبریں