راولپنڊي-25 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪ فوج جي جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آرمي چيف، جنرل ساحر شمشاد مرزا جي مثالي قيادت، اسٽريٽجڪ ويزن ۽ پاڪ فوج لاءِ سندس مخلصاڻي خدمتن کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ٽه ڌري فوج (ٽرائي سروسز) وچ ۾ …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان الوداعي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-25 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪ فوج جي جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آرمي چيف، جنرل ساحر شمشاد مرزا جي مثالي قيادت، اسٽريٽجڪ ويزن ۽ پاڪ فوج لاءِ سندس مخلصاڻي خدمتن کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ٽه ڌري فوج (ٽرائي سروسز) وچ ۾ هم آهنگي کي مضبوط بنائڻ، گڏيل آپريشنل تياري کي بهتر ڪرڻ ۽ قومي سلامتي جي اسٽريٽجڪ هدفن کي هٿي ڏيڻ ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي اهم ڪردار جي تعريف ڪئي. آرمي چيف خطي ۾ استحڪام، عسڪري سفارتڪاري ۽ دوست ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ جنرل ساحر شمشاد مرزا جي ڪاوشن کي به ساراهيو. جنرل ساحر شمشاد مرزا پنهنجي ڪيريئر دوران سهڪار ۽ اعتماد تي آرمي چيف ۽ پاڪ فوج جو ٿورو مڃيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو آمد تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي يادگار شهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ پاڪ فوج جي چست جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.











