عورتن جي تعليم، ڊجيٽل هنرمندي ۽ معاشي خودمختياري ئي اصل بااختياري آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته عورتن جي تعليم، ڊجيٽل هنرمندي ۽ معاشي خودمختياري ئي اصل بااختياري آهي، عورتن لاءِ ٽيڪنالاجي جا رستا کولڻ پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. گذريل ڏينهن آءِ ٽي وزارت پاران جاري بيان موجب عورتن تي تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام …

اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته عورتن جي تعليم، ڊجيٽل هنرمندي ۽ معاشي خودمختياري ئي اصل بااختياري آهي، عورتن لاءِ ٽيڪنالاجي جا رستا کولڻ پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. گذريل ڏينهن آءِ ٽي وزارت پاران جاري بيان موجب عورتن تي تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته عورتن تي تشدد هڪ ناقابل قبول سماجي ۽ انساني ناانصافي آهي، پاڪستان جي عورت ۽ هر نياڻي سان يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيان ٿي. هن چيو ته هن سال جو موضوع سمورين عورتن ۽ نياڻين خلاف ڊجيٽل تشدد جي خاتمي لاءِ متحد ٿيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ڊجيٽل اسپيس ۾ هراسان ڪرڻ، بليڪ ميلنگ ۽ نفرت جوڳن روين ۾ اضافو فوري قدمن جو گهرجائو آهي، نوجوان ڇوڪرين ۽ عورتن لاءِ محفوظ دجيٽل ماحول اسان جي اولين ترجيح آهي. وفاقي وزير چيو ته عورتن لاءِ ٽيڪنالاجي جا رستا کولڻ پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. ڊجيٽل تشدد جو شڪار عورتون ۽ انهن خلاف آواز اٿاريندڙ سمورين عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿي، عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ صنفي تشدد جي مڪمل خاتمي لاءِ اسان متحد، پرعزم ۽ مسلسل سرگرم رهنداسين.

مزید خبریں