اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان جا نوجوان شاهين آهن جن جي اڏام محدود ناهي پر بيحد بلند آهي، اهي ئي نوجوان ملڪ جو اصل سرمايو آهن. اڏام پاڪستان مباحثو 2025ع جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو مباحثو ملڪ ۾ نئين فڪري قيادت پيدا ڪرڻ جو اهم پليٽ فارم آهي، پروفيسر …
پاڪستاني نوجوان شاهين، سندن اڏامون بيحد بلند آهن، اهي ئي ملڪ جو اصل سرمايو آهن: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان جا نوجوان شاهين آهن جن جي اڏام محدود ناهي پر بيحد بلند آهي، اهي ئي نوجوان ملڪ جو اصل سرمايو آهن. اڏام پاڪستان مباحثو 2025ع جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو مباحثو ملڪ ۾ نئين فڪري قيادت پيدا ڪرڻ جو اهم پليٽ فارم آهي، پروفيسر احسن اقبال چيو ته اسان هڪ نئين فڪري ۽ اخلاقي بيداري جو بنياد رکيو آهي، اڄ جي تقريب ۾ پاڪستان جي سمورن خطن جي نمائندگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته نوجوان هڪ روشن مستقبل جي جوڙجڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. هن نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي نظر 2047ع جي پاڪستان تي هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ ان جا پاڙيسري ملڪ آزادي جي 100 سالن جي جشن جي تياري ڪري رهيا هوندا. سندس چوڻ هو ته جهڙي طرح قوم ماضي ۾ حق جي ويڙهه م ۾ دشمن کي شڪست ڏني اهڙي طرح ترقي جي ويڙهه ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪامياب قومون امن، استحڪام، پاليسي جو تسلسل ۽ مسلسل سڌارن ذريعي ترقي ڪنديون آهن، اسان نوجوانن کي اهو علم فراهم ڪري رهيا آهيون جيڪو انهن ۾ تخليقي صلاحيتون پيدا ڪري ۽ کين نئين ٽيڪنالاجيز جي دور جي گهُرجن تحت ناليج ليڊر بڻائي، نوجوانن کي علم ۽ تخليق جي اڏام کان ستارن تائين پهچائڻ اسان جو مقصد آهي. هن چيو ته اڏام پاڪستان اصل ۾ اڻپوري خواب جو تسلسل آهي جيڪو ويزن 2025ع تحت ڏٺو ويو هو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج، آءِ ٽي سيڪٽر، روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي سميت هر شعبي ۾ رڪارڊ ترقي ٿي آهي، پاڪستان هاڻي تاريخ جي چوٿين اڏام ڀرڻ لاءِ تيار آهي، ان اڏام کي پائيدار، فيصلائتو ۽ بلند بڻائڻ لاءِ سمورن طبقن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نوجوان پاڪستان جي نئين سر تعمير جا سڀ کان وڏا شراڪتدار آهن، کين قومي ترقي جي عمل ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا آهن. هن زور ڀريو ته معاشري مان نفرت ۽ انتشار جهڙن آوازن کي ختم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي امن ۽ يڪجهتي جو سفير بڻائڻو پوندو. هن جو چوڻ هو ته اڏام پاڪستان اصل ۾ جوان پاڪستان آهي، ملڪ ڇڏي ڀڄڻ بدران پنهنجي وطن جا معمار بڻجو، پاڪستان ۾ هر خواب جي تعبير محنت سان ئي ملندي .











