والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو جنسي تشدد باقاعده جنگي هٿيار بڻجي چڪو آهي: مشعال حسين ملڪ

اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو جنسي تشدد باقاعده جنگي هٿيار بڻجي چڪو آهي، والاريل ڪشمير ۾ جنسي ڏاڍائي ۽ جنسي تشدد منظم رياستي پاليسي آهي. عورتن تي تشدد جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي مشعال ملڪ شديد رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ تائين ڪنهن فوجي …

اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو جنسي تشدد باقاعده جنگي هٿيار بڻجي چڪو آهي، والاريل ڪشمير ۾ جنسي ڏاڍائي ۽ جنسي تشدد منظم رياستي پاليسي آهي. عورتن تي تشدد جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي مشعال ملڪ شديد رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ تائين ڪنهن فوجي کي سزا ناهي ملي، ظلم جاري آهي ۽ عالمي برادري جي خاموشي ڀارتي فوج کي وڌيڪ حوصلو ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ڪشمير جون عورتون ڏهاڪن کان جنگي تشدد جو نشانو بڻجي رهيون آهن. مشعال ملڪ مطالبو ڪيو ته گڏيل قومون جنسي تشدد کي جنگي ڏوهه تسليم ڪن، والاريل ڪشمير ۾ عورتن خلاف ڀارتي فوج جي جنسي تشدد جي واقعن جي آزاد ۽ غير جانبدار جاچ جي فوري ضرورت آهي، دنيا جا فيمينسٽ نيٽ ورڪس ڪشميري عورتن سان يڪجهتي جو اظهار ڪن.

مزید خبریں