اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، اسلام آباد - مري ايڪسپريس وي جو دورو ڪيو ۽ جاري مرمت، بهتري ۽ بحالي جي ڪمن جو تفصيلي معائنو ڪيو. دوري دوران وفاقي وزير عبدالعليم خان، ايڪسپريس وي تي قائم ريسٽ ايرياز جو به جائزو ورتو ۽ موقعي تي لاڳاپيل اختيارين کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ته جئين مسافرن کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. وفاقي وزير، …
وفاقي وزير عبدالعليم خان جو اسلام آباد – مري ايڪسپريس وي جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، اسلام آباد – مري ايڪسپريس وي جو دورو ڪيو ۽ جاري مرمت، بهتري ۽ بحالي جي ڪمن جو تفصيلي معائنو ڪيو. دوري دوران وفاقي وزير عبدالعليم خان، ايڪسپريس وي تي قائم ريسٽ ايرياز جو به جائزو ورتو ۽ موقعي تي لاڳاپيل اختيارين کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ته جئين مسافرن کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. وفاقي وزير، مواصلات واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو پاڻ انهن ڪمن جي نگراني ڪري ته جئين معيار تي ڪو سمجهوتو نه ٿئي. هن اسلام آباد – مري ايڪسپريس وي جي باقي رهيل ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ڪجهه معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. اين ايڇ اي اختيارين، وفاقي وزير کي منصوبي تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نئيون لائيٽون لڳائڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ايڪسپريس وي جي ٻنهي پاسي خوبصورتي جو ڪم آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته معيار ۽ محفوظ سفر تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.











