وفاقي آئيني عدالت / اليڪشن ٽربيونلز ۾ رٽائرڊ ججز جي مقرري وارو ڪيس، رٽائرڊ ججز جي مقرري خلاف اپيل، ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ اليڪشن ٽربيونلز ۾ رٽائرڊ ججز جي مقرري خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ گذريل ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل سمير کوسه موقف اختيار ڪيو ته بئنچ جو سربراهه جسٽس عامر فاروق هاءِ ڪورٽ جي جج طور اهڙي نوعيت جي ابتدائي درخواست تي اڳ ئي فيصلو ڏئي …

اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ اليڪشن ٽربيونلز ۾ رٽائرڊ ججز جي مقرري خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ گذريل ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل سمير کوسه موقف اختيار ڪيو ته بئنچ جو سربراهه جسٽس عامر فاروق هاءِ ڪورٽ جي جج طور اهڙي نوعيت جي ابتدائي درخواست تي اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪو آهي، البته بئنچ جي اهليت جو سوال سڀ کان پهرين ٿئي ٿو. ان تي جسٽس باقر نجفي پڇاڻو ڪيو ته ڇا انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي جوڳي آهي؟ جسٽس عامر فاروق واضح ڪيو ته وڪيل جن درخواستن جو حوالو ڏئي رهيو آهي، انهن تي ته اعتراض لڳا هئا جڏهن ته موجوده درخواست گذار جي ڪنهن به درخواست تي هن ڪو به فيصلو ناهي ڏنو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ فيصلو ڏنو هو ته ان جو هن ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي. وڪيل سمير کوسه عدالت کي ٻڌايو ته هن پنهنجي مؤڪل کي آئيني عدالت جي آزادي ۽ گهُرجن جي حوالي سان خبردار ڪيو آهي ۽ درخواست ڪئي ته موڪل کان هدايتون وٺڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي ته آئينده هو آئيني عدالت سامهون پيش ٿئي يا نه. عدالت وڪيل جي گذارش منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں