حڪومت ملڪي معيشت جي استحڪام، واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ جامع ۽ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: سيدال خان

اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي معيشت جي استحڪام، واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ جامع ۽ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي اعزاز ۾ ڪراچي جي مشهور واپارين ۽ سيڙپڪارن طرفان شاندار آجياڻي واري تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ …

اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي معيشت جي استحڪام، واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ جامع ۽ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي اعزاز ۾ ڪراچي جي مشهور واپارين ۽ سيڙپڪارن طرفان شاندار آجياڻي واري تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ حڪومتي معاشي سڌارن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. هن خاص مهمان جي حيثيت سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو ته حڪومت جي دانشمنداڻين پاليسين، اثرائتين حڪمت عملين ۽ شفاف معاشي فيصلن سبب ملڪ مسلسل بهتري ڏانهن وڌي رهيو آهي. ان موقعي تي هن صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سمورن قومي اسٽيڪ هولڊرز جي اڻٿڪ محنت، ڏور رس فيصلن ۽ مربوط اقتصادي پاليسين جو خاص ذڪر ڪندي چيو ته انهن ئي حڪمت عملين جي نتيجي ۾ پاڪستان مشڪل معاشي حالتن مان نڪري بحالي ۽ ترقي جي مستحڪم راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته پاڪستان سان گڏ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي هاڪاري اڳڀرائي جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ملڪن سان سيڙپڪاري جا اهم معاهدا ڪيا ويا آهن. سعودي عرب، قطر، چين ۽ ٻيا ڀاءُ ملڪ نه رڳو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن پر ان حوالي سان عملي قدم ۽ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا به جاري آهي. تقريب ۾ موجود ڪاروباري شخصيتن پڻ ڊپٽي چيئرمين کي اعتماد ۾ وٺندي چيو ته هو حڪومت جي معاشي پاليسين تي مڪمل اعتماد رکن ٿا ۽ ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندا. سيدال خان چيو ته حڪومت واپارين، سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول جي فراهمي کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي ته جيئن صنعتي ۽ واپاري سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي آڻي سگهجي ۽ عام ماڻهو جي زندگي ۾ به حقيقي بهتري آڻي سگهجي. هن پاڪستاني عوام جو به شڪريو ادا ڪيو جنهن مشڪل وقت ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو ۽ ملڪي بحالي جي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

مزید خبریں