اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) وفاقي گھرو وزير محسن نقوي بنون ۾ ڀارتي حمايت يافته دھشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ۾ 22 دھشتگردن کي جھنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آھي. پنھنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ھڪ ڀيرو ٻيھر وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دھشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، خيبرپختونخوا ۾ فتنه الھندوستان جي ناسور جي …
بنون ۾ ڀارتي حمايت يافته دھشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن، گھرو وزير محسن نقوي پاران سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) وفاقي گھرو وزير محسن نقوي بنون ۾ ڀارتي حمايت يافته دھشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ۾ 22 دھشتگردن کي جھنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آھي. پنھنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ھڪ ڀيرو ٻيھر وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دھشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، خيبرپختونخوا ۾ فتنه الھندوستان جي ناسور جي خاتمي لاءِ فورسز جون مسلسل ڪامياب ڪارروائيون فخر جوڳيون آھن. ھن چيو ته قوم جي حمايت سان پاڪستان مان فتنه الھندوستان جي ناپاڪ وجود جو مڪمل خاتمو ڪيو پيو وڃي ۽ سندن سھولت ڪارن کي ڪٿي به لِڪڻ نه ڏنو ويندو. محسن نقوي چيو ته سڄي قوم کي پنھنجي بھادر فورسز تي فخر آھي ۽ ھو ملڪ جي دفاع لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھن.











