وزيراعظم پاران بنون ضلعي ۾ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي ۾ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران 22 دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ عزم جي واکاڻ ڪندي چيو ته عزم استحڪام جي وزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي …

اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي ۾ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران 22 دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ عزم جي واکاڻ ڪندي چيو ته عزم استحڪام جي وزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف اهم ڪاميابيون حاصل ڪري رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فوج سان گڏ آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں