اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ايف اي او (خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم) جي وفد ڊائريڪٽر لينڊ اينڊ واٽر ڊويزن لفينگ لي جي اڳواڻيءَ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي زرعي شعبي کي درپيش اهم مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڻي وسيلن جي فراهمي، پاڻيءَ جي معيار جي مسئلن ۽ ٻجن …
وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ايف اي او جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ايف اي او (خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم) جي وفد ڊائريڪٽر لينڊ اينڊ واٽر ڊويزن لفينگ لي جي اڳواڻيءَ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي زرعي شعبي کي درپيش اهم مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڻي وسيلن جي فراهمي، پاڻيءَ جي معيار جي مسئلن ۽ ٻجن بابت مشڪلاتون شامل آهن. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير ملاقات جي شروع ۾ ملڪ ۾ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائيءَ تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ان رجحان جو اثر پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي ۽ زرعي آبپاشي تي پئجي رهيو آهي. وفاقي وزير پاڻيءَ جي کوٽ کي فوري طور حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪو پاڪستان جي زرعي پيداواريت کي سڌيءَ ريت متاثر ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وڏي پيماني تي تعميراتي منصوبا زرخيز زمين تي ناڪاري اثر وجهي رهيا آهن جنهن سان ملڪ جي غذائي پيداوار جي صلاحيت وڌيڪ گهٽ ٿي رهي آهي. وفاقي وزير ايف اي او کي درخواست ڪئي ته پاڪستان ۾ چانورن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي جيڪو ملڪ جو هڪ اهم فصل آهي. هن ايف اي او کي درخواست ڪئي ته زرعي شعبي کي فعال ڪرڻ لاءِ اهم منصوبا شروع ڪيا وڃن ۽ خاص طور تي ان ج چئلينجز کي نظر ۾ رکندي جيڪي موسمياتي تبديلين سبب وڌي رهيا آهن. هن چيو ته اهي منصوبا پاڪستان جي غذائي تحفظ لاءِ ضروري آهن ڇاڪاڻ ته ملڪ موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب مختلف چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي زرعي شعبي جي ڊجيٽلائيزيشن جي اهميت تي به زور ڀريو ۽ چيو ته ان سان پيداواريت، ڪارڪردگي ۽ پائيداريءَ کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن ايف اي او کي درخواست ڪئي ته جديد ٽيڪنالاجيز ۽ ڊجيٽل ٽولز لاڳو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن زرعي عمل کي بهتر بڻائي سگهجي. ٽيڪنالاجي ذريعي پاڪستان پنهنجي پاڻي ۽ زمين جي وسيلن جو بهتر انتظام ڪري سگهندو، جنهن سان زرعي عمل کي وڌيڪ پائيدار بڻائي سگهبو. پاڻيءَ جو معيار ۽ ٻجن جي مسئلن تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڻي جي معيار ۾ گهٽتائي ۽ ٻجن جي ترقيءَ ۾ مشڪلاتون سامهون آهن. هن ايف اي او کي درخواست ڪئي ته گڏيل طور اهڙا حل تلاش ڪيا وڃن جيڪي پاڻيءَ جي معيار کي بهتر بڻائين ۽ ٻجن جي موسمياتي تبديلين جي اثرن خلاف مزاحمت کي به وڌائين ته جيئن پاڪستان جي آبادگارن کي مستقبل جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ بهتر طور تيار ڪري سگهجي. ان کان علاوه وفاقي وزير پاڻيءَ جي وسيلن جي انتظام جي حڪمت عملين کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته زراعت ۾ پاڻيءَ جي مؤثر استعمال کي يقيني بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پائيدار طريقن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ايف اي او کان درخواست ڪئي ته پاڻيءَ جي جديد انتظام جي ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ پريسيشن آبپاشي نظام کي اختيار ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن پاڻيءَ جي کوٽ جي وڌندڙ مسئلن جو مقابلو ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته مستقبل ۾ ايف اي او جي تعاون سان هلندڙ منصوبن ۾ هڪ متوازن نقطه نظر اختيار ڪرڻ ضروري آهي. هن تجويز پيش ڪئي ته ايف اي او منصوبن جي ڊزائينگ جي شروعاتي مرحلي سان ئي قومي ادارن سان گڏجي ڪم ڪري ته جيئن مقامي ملڪيت ۽ ڊگهي مُدي جي پائيداريءَ کي يقيني بنائي سگهجي.











