وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ٻن ڏينهن جي دؤري تي دوحه پهچي وئي

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ٻن ڏينهن جي دؤري تي دوحه قطر پهچي وئي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب شزه فاطمه خواجه جي ايس ايم اي موبائل ورلڊ ڪانگريس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي. وفاقي وزير جي ايس ايم اي منسٽريل پروگرام ۾ شرڪت ڪندي. شزه فاطمه خواجه ڊجيٽل گورننس …

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ٻن ڏينهن جي دؤري تي دوحه قطر پهچي وئي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب شزه فاطمه خواجه جي ايس ايم اي موبائل ورلڊ ڪانگريس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي. وفاقي وزير جي ايس ايم اي منسٽريل پروگرام ۾ شرڪت ڪندي. شزه فاطمه خواجه ڊجيٽل گورننس وزنري پاليسيز فار اي ڊجيٽل فيوچر تي اهم خطاب ڪندي. شزه فاطمه خواجه ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر ڊجيٽل ڪوريڊور ۾ ترقيءَ جي نئين دؤر جي حوالي سان خصوصي توجهه ۾ خطاب به ڪندي. وفاقي وزير ڊجيٽل نيشنز اي پي اي سي ڊائلاگ علائقائي اثرن لاءِ پاليسي انوويشن ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ پاڪستان جو مؤقف پيش ڪندي. شزه فاطمه خواجه جي ملاقات انجنيئر عبدالرحمان المالڪي سان به ٿيندي جيڪو نيشنل سائبر سيڪيورٽري ايجنسي قطر جو صدر آهي. دؤري دوران وفاقي زوير جي ملاقات محمدعلي محمد المنعي مواصلات ۽ اطلاعات واري وزير سان به ٿيندي. شزه فاطمه جي ملاقات عبدالرحمان السويدي سي اي او قطر ڊولپمينٽ بئنڪ سان به ٿيندي.

مزید خبریں