وفاقي وزير سردار اويس احمد خان جي ايف سي هيڊ ڪوارٽر پشاور تي حملي جي مذمت

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ايف سي هيڊ ڪوارٽر پشاور تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دشمن ڌُريون شڪست ورتل آهن، اسان جي قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ خلاف متحد ۽ پُرعزم آهن. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته هي بزدلاڻو حملو مذمت جوڳو آهي. شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ڪريان ٿو. شهيد ايف …

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ايف سي هيڊ ڪوارٽر پشاور تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دشمن ڌُريون شڪست ورتل آهن، اسان جي قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ خلاف متحد ۽ پُرعزم آهن. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته هي بزدلاڻو حملو مذمت جوڳو آهي. شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ڪريان ٿو. شهيد ايف سي اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريان ٿو. زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته دهشتگردي ۽ ان جي سهولتڪارن جو خاتمو اسان جو مقصد آهي.

مزید خبریں