اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌي رهندي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪو ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌي رهندي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪو ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران اترئين علائقن ۾ ڏينهن ۽ رات جي وقت ۾ گرمي پد ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي جي شدت ۾ ترتيبوار اضافي جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ هلڪو ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد اسڪردو، ليه ۾ ڪاٽو 08، گلگت ۾ ڪاٽو 06، ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 04، بابوسر، گوپس، استور ۾ ڪاٽو 03، قلات ۽ دير ۾ ڪاٽو 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











