اسلام آباد - 24 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان جي روس جي لاءِ نامزد سفير فيصل نياز ترمذي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، صدر کيس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ روس جي پاڪستان سان حصيداري کي اهم قرار ڏنو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سياسي، اقتصادي، ٽيڪنيڪي ۽ دفاعي تعاون جي فروغ جي حوالي سان سفير جي ڪردار تي زور …
صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان جي روس جي لاءِ نامزد سفير فيصل نياز ترمذي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان جي روس جي لاءِ نامزد سفير فيصل نياز ترمذي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، صدر کيس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ روس جي پاڪستان سان حصيداري کي اهم قرار ڏنو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سياسي، اقتصادي، ٽيڪنيڪي ۽ دفاعي تعاون جي فروغ جي حوالي سان سفير جي ڪردار تي زور ڏنو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ تازي گهٽتائي بابت مسئلن جي حل جيئن ته توانائي، سيڙپڪاري، چرپر ۽ زراعت جي شعبن ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششن جي هدايت ڪئي. صدر آصف علي زرداري دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ رابطن جهڙن علائقائي مسئلن تي روسي قيادت سان ويجهي مشاورت جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. هن اعليٰ تعليم، تحقيق، خلائي شعبي، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز، دفاع، دفاعي پيداوار ۽ روسي ادارن سان پاڪستاني شاگردن شاگردن ۽ پيشيواراڻي ماڻهن جي لاءِ اسڪالرشپس ۽ تربيتي موقعا حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون کي پڻ فروغ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. صدر ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ روس ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي مسئلن جي حل ۽ ڀلائي جي لاءِ قدمن تي پڻ زور ڏنو، جڏهن ته روسي ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان لاڳاپا قائم ڪري پاڪستان جي موقف کي موثر طريقي سان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر نامزد سفير جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ کيس مقرري جي مدي ۾ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.











