چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الروائيلي جي ملاقات

راولپنڊي-24 نومبر(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري) هلال جرئت سان ڪالهه سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الروائيلي ملاقات ڪئي، جنهن جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي(آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن …

راولپنڊي-24 نومبر(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري) هلال جرئت سان ڪالهه سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الروائيلي ملاقات ڪئي، جنهن جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي(آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻي ۽ اسٽريٽجڪ عسڪري سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خاص زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ دفاعي سهڪار، سيڪيورٽي شراڪتداري ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي گڏيل ڪوششن کي ٻه طرفن لاڳاپن جو اهم ٿنڀ قرار ڏنو ويو. سعودي مهمان سعودي عرب جي هٿياربند فوج سان مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو آمد تي جنرل فياض بن حميد الروائيلي، شهيدن جي يادگار تي چادر رکي، ان موقعي تي پاڪ فوج جي چست جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

مزید خبریں