اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سياري جي موڪلن جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن مطابق عدالت 22 ڊسمبر 2025ع کان 4 جنوري 2026ع تائين بند رهندي. عدالت جو باقائده ڪم 5 جنوري 2026ع کان ٻيهر شروع ٿيندو. نوٽيفيڪيشن مطابق موڪلن دوران آئيني عدالت جون آفيسون کليل رهنديون ته جيئن انتظامي معاملا ۽ ضروري ڪاغذي ڪارروائيون جاري رهي سگهن. عدالت ٻڌايو ته موڪلن دوران ارجنٽ نوعيت …
وفاقي آئيني عدالت ۾ 22 ڊسمبر کان 4 جنوري تائين سياري جي موڪلن جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سياري جي موڪلن جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن مطابق عدالت 22 ڊسمبر 2025ع کان 4 جنوري 2026ع تائين بند رهندي. عدالت جو باقائده ڪم 5 جنوري 2026ع کان ٻيهر شروع ٿيندو. نوٽيفيڪيشن مطابق موڪلن دوران آئيني عدالت جون آفيسون کليل رهنديون ته جيئن انتظامي معاملا ۽ ضروري ڪاغذي ڪارروائيون جاري رهي سگهن. عدالت ٻڌايو ته موڪلن دوران ارجنٽ نوعيت جي ڪيسن ۽ ٻين فڪسڊ ڪيسن جون 8 ٻڌڻيون به ڪيون وينديون، جن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. وفاقي آئيني عدالت طرفان اهي قدم اهم نوعيت جي ڪيسن جي فوري ٻڌڻي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيا ويا آهن.











