سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي اهم سرڪاري ادارن ۾ اهم مقررين ۽ بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي اهم سرڪاري ادارن ۾ اهم مقررين ۽ بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزارت مطابق سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير خالد حسين مگسي، لاڳاپيل …

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي اهم سرڪاري ادارن ۾ اهم مقررين ۽ بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزارت مطابق سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير خالد حسين مگسي، لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنز ۽ ريگيوليٽري ادارن جي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران فنانس ڊويزن، ميري ٽائم افيئرز ڊويزن، پئٽروليم ڊويزن ۽ صنعت ۽ پيداوار واري ڊويزن طرفان پيش ڪيل سمرين تي غور ڪيو ويو، پيش ڪيل ايجنڊا آئٽمز جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ فنانس ڊويزن طرفان زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ جي بورڊ لاءِ هڪ اعليٰ ڊائريڪٽر جي مقرري، ميري ٽائيم افيئرز ڊويزن جي تجويز تي پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي جي بورڊ ۾ آزاد ڊائريڪٽرز جي مقرري ۽ پيٽروليم ڊويزن طرفان سوئي ناردرن گيس پائيپ لائنز لميٽيڊ جي بورڊ ۾ هڪ خالي سيٽ ڀرڻ لاءِ نامزدگي شامل هئي. اجلاس ۾ صنعتن ۽ پيداوار واري ڊويزن جي 3 سمرين جي پڻ منظوري ڏني وئي، جن ۾ سنڌ انجنيئرنگ پرائيويٽ لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ، سمال اينڊ ميڊيئم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي سميڊا جي بورڊ ۾ پنجاب مان هڪ نجي شعبي جي ميمبر جي مقرري ۽ اسٽيٽ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ شامل آهي. ناڻي واري وزير نجي شعبي مان آزاد ڊائريڪٽرز لاءِ موزون اميدوارن جي چونڊ ۾ اختيار ڪيل محنت ۽ سنجيدگيءَ کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان ڪڙي چونڊ عمل کي جاري رکڻ ضروري آهي ته جيئن اهڙن ماڻهن کي ادارن ۽ ٻين سرڪاري ڪمپنين جي گورننگ بورڊز ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪي گهربل تجربو، مهارت، علم ۽ پيشيوراڻي اهليت رکندڙ هجن. ڪميٽي فنانس ڊويزن ۽ نجڪاري ڊويزن کي به هدايت ڪئي ته هو نجڪاريءَ لاءِ چونڊيل سرڪاري ادارن جي التوا هيٺ ڪيسن جو جامع جائزو ۽ تجزيو ڪن ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ لا ڊويزن سان رابطو ڪري هڪ اهڙي طريقيڪار جي نشاندهي ڪن جيڪو ان مسئلن کي آسان بڻائي سگهي ته جيئن نجڪاريءَ جو عمل بنا ڪنهن رڪاوٽ جي اڳتي وڌي سگهي. اي

مزید خبریں