لاهور-24 نومبر (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن ۾ باڪسنگ سميت هر راند ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، حڪومت جو بنيادي مقصد ان ٽيلنٽ کي قومي ۽ عالمي سطح جي معيار موجب سامهون آڻڻ آهي ته جيئن ملڪ جي مثبت سڃاڻپ نمايان ٿئي ۽ نوجوانن کي ترقي جا وڌ کان وڌ موقعا ملي سگهن. اهڙو اظهار هن يونيورسٽي …
حڪومت جو بنيادي مقصد نوجوانن ۾ راندين جي ٽيلنٽ کي قومي ۽ عالمي معيار موجب سامهون آڻڻ آهي: راڻا مشهود احمد خان

مزید خبریں
لاهور-24 نومبر (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن ۾ باڪسنگ سميت هر راند ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، حڪومت جو بنيادي مقصد ان ٽيلنٽ کي قومي ۽ عالمي سطح جي معيار موجب سامهون آڻڻ آهي ته جيئن ملڪ جي مثبت سڃاڻپ نمايان ٿئي ۽ نوجوانن کي ترقي جا وڌ کان وڌ موقعا ملي سگهن. اهڙو اظهار هن يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ وزيراعظم باڪسنگ ٽيلنٽ هنٽ ليگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. راڻا مشهود احمد چيو ته وزيراعظم جي خاص هدايت تي شروع ڪيل ٽيلنٽ هنٽ پروگرام جو محور سمورا هوشيار شاگرد آهن جيڪي محدود وسيلن ۽ گهٽ سهولتن باوجود بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته ان پروگرام ذريعي نوجوانن کي سائنسي بنيادن تي تربيت، جديد ڪوچنگ، عالمي معيار جون سهولتون ۽ شفاف سليڪشن جا ڀرپور موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن جنهن سان پاڪستان ۾ راندين جو معيار نمايان طور مٿاهون ٿيندو. هن چيو ته نيشنل باڪسنگ ليگ نوجوانن لاءِ هڪ اهڙو مضبوط ۽ پائيدار پليٽ فارم ثابت ٿيندو جتي ميرٽ، محنت ۽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏنا ويندا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هي ليگ مستقبل جا عالمي ۽ قومي چيمپئن پيدا ڪندي ۽ پاڪستان عالمي سطح تي باڪسنگ سميت ٻين راندين ۾ نمايان مقام حاصل ڪندو. هن چيو ته راندين کي هٿي ڏيڻ صرف هڪ سرگرمي نه پر قومي ترجيح آهي، ڇاڪاڻ ته صحتمند ۽ مثبت سرگرميون نوجوانن جي شخصيت سازي، ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه ۽ سماجي ترقيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون.











