ريلوي ۾ تاريخي اڳڀرائي، ٽرينن جي وقت سر روانگي 82 سيڪڙو تائين پهچي وئي: حنيف عباسي

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي واري وزارت ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ اداري جي مجموعي ڪارڪردگي، جاري سڌارن ۽ مستقبل جي لائحه عمل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ريلويز جي اعليٰ عملدارن مختلف شعبن تي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 8 مهينن دوران پاڪستان ريلوي ۾ تاريخي نوعيت …

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي واري وزارت ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ اداري جي مجموعي ڪارڪردگي، جاري سڌارن ۽ مستقبل جي لائحه عمل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ريلويز جي اعليٰ عملدارن مختلف شعبن تي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 8 مهينن دوران پاڪستان ريلوي ۾ تاريخي نوعيت جو ڪم ٿيو آهي ۽ جيڪي به قدم کنيا پيا وڃن اهي پائيدار ۽ مستقل بنيادن تي آهن. هن چيو ته ريلوي جي 78 سالن جي تاريخ ۾ ان نوعيت جي اڳڀرائي اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي وئي. حنيف عباسي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هاڻ وڌيڪ ذميداري ۽ تيز رفتاري سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ريلوي ۾ لاپراوهي ۽ سستيءَ جي ڪابه گنجائش ناهي. هن رننگ رومز ۽ گارڊ رومز بابت بريفنگ وٺندي ريلوي ملازمن جون سهولتون بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ سندس چوڻ هو ته ريلوي مزدورن کي سهولتون فراهم ڪرڻ کانسواءِ اداري کي بهتر انداز ۾ نٿو هلائي سگهجي. اجلاس ۾ التوا هيٺ منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ اپ گريڊڊ اسٽيشن ۽ ٽرينن جي سخت نگراني جا حڪم جاري ڪيا ويا. ريلوي عملدارن ٻُڌايو ته هن وقت ٽرينن جي پنچوئلٽي سال جي بهترين سطح تي پهچي وئي آهي ۽ مجموعي طور 82 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير ٽريڪ تي انجنيئرنگ ريسٽرڪشن کي مؤثر انداز ۾ گهٽ ڪرڻ ۽ سرديءَ ۾ ڌنڌ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وقت سر قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت به ڪئي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته لساني ايڪسپريس جي بحاليءَ کانپوءِ نارووال جي عوام ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي آهي، جڏهن ته لاهور- نارووال سيڪشن تي به وڌيڪ ٽرينون جلد اپ گريڊ ڪري هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي چيو ته پاڪستان ريلوي کي هڪ جديد، محفوظ ۽ قابلِ عمل ادارو بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا ۽ عوام کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

مزید خبریں