ٻي عالمي انصاف واري ڪانفرنس ۾ اعظم نذير تارڙ جي شرڪت

رياض/اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ رياض ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي اڳواڻيءَ ۾ رٿيل ٻي عالمي انصاف واري ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي. ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ 40 کان وڌيڪ ملڪن جا وزير ۽ قانوني ماهر عدالتي معيار کي بهتر بڻائڻ، ڊجيٽلائزيشن ۽ عالمي قانوني تعاون کي هٿي ڏيڻ بابت اهم معاملن تي …

رياض/اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ رياض ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي اڳواڻيءَ ۾ رٿيل ٻي عالمي انصاف واري ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي. ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ 40 کان وڌيڪ ملڪن جا وزير ۽ قانوني ماهر عدالتي معيار کي بهتر بڻائڻ، ڊجيٽلائزيشن ۽ عالمي قانوني تعاون کي هٿي ڏيڻ بابت اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ڪانفرنس دوران وفاقي وزير ڪيترن ئي اهم شخصيتن سان ٻه طرفيون ملاقاتون ڪيون. سڀ کان اهم ملاقات سعودي عرب جي انصاف واري وزير وليد محمد السماني سان ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب عدالتي تربيت، قانوني سڌارن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ تاريخي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. سينيٽر اعظم نذير تارڙ اسلامي جمهوريه ايران جي انصاف واري وزير ڊاڪٽر امين حسين رحيمي سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل قانوني تعاون ۽ اداره جاتي رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ترڪيءَ جي انصاف واري وزير يلمزتنڪ سان به ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن عدالتي نظام جي جديد ڪاري ۽ سگهه ۾ واڌ سميت قانوني ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا جي امڪانن جو جائزو ورتو. وفاقي وزير جمهوريه آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمد دوف سان ملاقات ۾ ٻه طرفي قانوني فريم ورڪ جي واڌ، گڏيل بهترين طريقن کي هٿي ڏيڻ ۽ عدالتي تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي اعظم نذير تارڙ قانون ۽ انصاف جي شعبي ۾ عالمي تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته ان قسم جون عالمي مصروفيتون نه صرف انصاف تائين رسائيءَ کي بهتر بڻائين ٿيون پر قانون جي حڪمراني مضبوط ڪرڻ ۽ قومي سڌارن کي عالمي معيار سان هموار ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

مزید خبریں