ڪراچي- 24 نومبر (اي پي پي) نيشنل گيمز 2025 جي افتتاحي ۽ پڄاڻي واري تقريب جي سيڪيورٽي بابت سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿي گذريو، جنهن جي صدارت سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر، تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪئي. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ 35 هين …
نيشنل گيمز 2025ع جي افتتاحي ۽ پڄاڻي واري تقريب جي سيڪيورٽي بابت سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي ڪميٽي جو اهم اجلاس منعقد

مزید خبریں
ڪراچي- 24 نومبر (اي پي پي) نيشنل گيمز 2025 جي افتتاحي ۽ پڄاڻي واري تقريب جي سيڪيورٽي بابت سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿي گذريو، جنهن جي صدارت سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر، تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪئي. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ 35 هين نيشنل گيمز جي مهمانن جي سيڪيورٽي، ٽريفڪ، اسٽيڊيم انتظامن ۽ چر پر بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سمورن کاتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن لاءِ خاص سيل ۽ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته صوبائي وزيرن کي پڻ بريفنگ ڏني وئي. راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر چيو ته تقريب دوران سيڪيورٽي، ٽرانسپورٽ ۽ اسٽيج جي انتظامن ۾ ڪنهن به قسم جي خلل کان بچڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ سمورن وي آءِ پيز کي ڪيو آر ڪوڊ سان گڏ هڪ دعوت نامو موڪليو ويندو. اطلاعات سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ چيو ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ نيشنل گيمز جي مڪمل ڪوريج فراهم ڪئي ويندي. ڊي جي ثقافت حبيب الله ميمڻ ٻڌايو ته ٻين صوبن کان ايندڙ رانديگرن ۽ مهمانن جو ريلوي اسٽيشنن ۽ ٻين هنڌن تي استقبال ڪيو ويندو. سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي موجب، عورتن رانديگرن کي گلابي بسن ذريعي نيشنل اسٽيڊيم پهچايو ويندو، جڏهن ته سنڌ اولمپڪس جي احمد علي راجپوت چيو ته شيڊول مطابق لاڳاپيل ماڻهن کي ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي ويندي. راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته ڪنهن کي به پاس کان بغير نيشنل گيمز جي افتتاحي ۽ پڄاني واري تقريب ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي. سردار محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ميزبان آهي ۽ اسان سڀني کي پنهنجون ذميواريون سٺي نموني سان نڀائڻيون پونديون ته جيئن نيشنل گيمز مڪمل طور تي ڪامياب ٿي سگهن. تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته نوجوانن کي راندين ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ اسڪولن جي شموليت کي يقيني بڻايو ويندو ۽ اهي رانديون ايٿليٽڪس جي حوصلا افزائي ۽ نوجوانن کي راندين ۾ سرگرم ڪرڻ جو هڪ مثالي طريقو ثابت ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته سمورن لاڳاپيل کاتن جي فوڪل پرسنز کي راندين واري کاتي جي آفيسرن سان رابطي ۾ رهڻ گهرجي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي سيڪيورٽي ۽ ايمرجنسي رسپانس کي يقيني بڻائڻ لاءِ نيشنل گيمز لاءِ فائر برگيڊ فراهم ڪندو. هن چيو ته نيشنل گيمز ايونٽ سان لاڳاپيل وڊيوز ۽ مواد ڪي ايم سي جي سڀني ايس ايم ڊيز تي هلايون پيو وڃن ۽ ڪي ايم سي ملازمن ۽ عملي لاءِ هڪ مخصوص جڳهه پڻ مختص ڪئي وئي آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪاليجز نديم الرحمان ميمڻ، تعليم وارو سيڪريٽري زاهد حسين عباسي، ڊي جي اطلاعات معيز الدين احمد پيرزاده ۽ ڊي جي ڪلچر حبيب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر راندين اسد اسحاق، ايڊيشنل سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، چيف انجنيئر محمد اسلم مهر، ۽ سنڌ اولمپڪ جي احمد علي راجپوت، خالد رحماني ۽ گوهر رضا شرڪت ڪئي.











