اسانکي قرآن ۽ سنت جي تعليم مطابق پاڻ کي اهڙي طرح بڻائڻو آهي ته اسان دنيا کي اسلام جو درست چهرو ڏيکارڻ جي قابل بڻايون: وفاقي وزير سردار محمد يوسف

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته اسانکي قرآن ۽ سنت جي تعليم مطابق پنهنجين زندگين کي اهڙي طرح بڻائڻو آهي ته اسان دنيا کي اسلام جو درست چهرو ڏيکارڻ لاءِ پاڻ کي ان قابل بڻائي سگهون ته زبان سان دعوت ڏيڻ بدران کين پنهنجي ڪردار سان دعوت ڏئي سگهون. اهڙن خيالن جو اظهار هن قرئت جي عالمي مقابلي جي …

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته اسانکي قرآن ۽ سنت جي تعليم مطابق پنهنجين زندگين کي اهڙي طرح بڻائڻو آهي ته اسان دنيا کي اسلام جو درست چهرو ڏيکارڻ لاءِ پاڻ کي ان قابل بڻائي سگهون ته زبان سان دعوت ڏيڻ بدران کين پنهنجي ڪردار سان دعوت ڏئي سگهون. اهڙن خيالن جو اظهار هن قرئت جي عالمي مقابلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اهو بابرڪت ۽ تاريخي ڏينهن آهي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي اهو اعزاز حاصل ٿيو آهي ته اسان هتي پهريون قرئت جو عالمي مقابلو منعقد ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايت تي اسان جن سڌارن جي شروعات ڪئي هئي اسانجي ڪوشش آهي ته اسان مذهبي معاملن واري وزارت کي ان مطابق هلايون. هن چيو ته موجوده دور ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ اسان علما ۽ مشائخ ڪائونسل جو ڪنوينشن منعقد ڪرايو آهي. هن چيو ته قرآن پاڪ هدايت جو سرچشمو آهي، ان حوالي سان تقريب منعقد ڪرڻ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته دنيا جي 40 ملڪن مان قاري ان مقابلي ۾ حصو وٺي رهيا آهن جيڪا اسان لاءِ سعادت جي ڳالهه آهي، ان سان اسانکي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي. هن چيو ته قرآن جي ٻولي عربي آهي جيڪا اسان سڀني لاءِ سکڻ لازمي آهي ته جيئن اسان قرآن پاڪ کي پڙهي ۽ سمجهي ان تي عمل ڪري سگهون. اميد آهي ته ان بابرڪت محفل سبب ملڪ ۾ عربي جي تعليم رائج ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اسان ان حوالي سان مختلف يونيورسٽين سان به رابطا ڪيا آهن، عربي کي سکڻ ۽ سيکارڻ جي پروگرام جي شروعات لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اها تقريب منعقد ڪرڻ لاءِ مشهور ۽ عالمي شهرت يافتا قاري سيد صداقت علي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، 24 کان 27 نومبر تائين اهو مقابلو جاري رهندو. 29 نومبر تي پڄاڻي واري تقريب ٿيندي. هن چيو ته الله پاڪ قرآن حڪيم جي حفاظت جو ذمو پاڻ ورتو آهي، خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ قرآن پاڪ محفوظ آهي. قرآن حڪيم کي آهستي آهستي پڙهڻ جو حڪم آهي ۽ اهو ئي اسانجي نجات جو ذريعو آهي. قرآن ۽ حديث تي عمل ڪري اسان ٻنهي جهانن جون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته قومي علما مشائخ ڪائونسل ان لاءِ قائم ڪيو آهي ته اسان جيڪي قدم کڻون انهن ۾ علما ۽ مشائخ جي رهنمائي حاصل هجي. هن چيو ته اسان سڄي دنيا کي اسلام جو اصل چهرو ڏيکارڻ چاهيون ٿا. الله جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙڻ جو حڪم آهي، اسانکي ڪنهن تفرقي ۾ نه پوڻ گهرجي، پوري انسانيت لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اهو ان ئي صورت ۾ ممڪن آهي ته اسان پاڻ کي قرآن ۽ سنت جي تعليمن مطابق بڻائي سگهون ته جيئن دنيا کي زبان سان نه پنهنجي ڪردار سان دعوت ڏيڻ جي قابل ٿي سگهون. هن چيو ته سعودي عرب، مصر، ترڪي، ايران ۽ يو اي اي جي طرز تي اسان پاڪستان ۾ به نظام صلو لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي، ان حوالي سان مذهبي معالن واري وزارت پنهنجو ڪم جاري رکندي.

مزید خبریں