اسلام آباد - 24 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پشاور ۾ ايف سي ھيڊڪوارٽر تي ٿيل آپگھاتي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق ھن، ان بزدلاڻي ڪارروائي کي ملڪ جي امن، استحڪام ۽ بھادر سيڪيورٽي فورسز جي حوصلي کي ڪمزور ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته دھشتگرد ڪنھن رعايت جا حقدار نه آھن. سينيٽ …
سينيٽ جي چيئرمين يوسف رضا گيلاني پاران پشاور ۾ ايف سي ھيڊڪوارٽر تي آپگھاتي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پشاور ۾ ايف سي ھيڊڪوارٽر تي ٿيل آپگھاتي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق ھن، ان بزدلاڻي ڪارروائي کي ملڪ جي امن، استحڪام ۽ بھادر سيڪيورٽي فورسز جي حوصلي کي ڪمزور ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته دھشتگرد ڪنھن رعايت جا حقدار نه آھن. سينيٽ جي جيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني شھيد ٿيل ايف سي اھلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم پنھنجي بھادر جوانن جون لازوال قربانيون ھميشه ياد رکندي. ھن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شھيدن جا درجا بلند فرمائي، سندن گھرڀاتين کي صبر ۽ زخمين کي جلد صحتيابي عطا ڪري. سيد يوسف رضا گيلاني لاڳاپيل ادارن کي ھدايت ڪئي ته زخمين کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪيون وڃن ۽ واقعي جي مڪمل جاچ ڪري ذميوار عنصرن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي. ھن چيو ته دھشتگردي خلاف قومي عزم اڳ کان وڌيڪ مضبوط آھي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته ملڪ جي سيڪيورٽي فورسز دھشتگردي جي خاتمي لاءِ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي ۽ سموري قوم انھن سان ڪھلي سان ڪھلو ملائي بيٺي آھي. ھن چيو ته دھشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پاڪستان جي رياست پنھنجي جدوجھد جاري رکندي. ھن چيو ته امن دشمن قوتون پاڪستان جي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽون نه ٿيون پيدا ڪري سگھن.











