اسلام آباد - 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي روانگي واپارين تي ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ سرچارج ختم ڪرڻ ۽ ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ جو گذريل 5 سالن جو ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪي روانگي واپارين ۾ اضافي جي لاءِ صنعتڪارن کي هر ممڪن سهولت جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ جو غيرلاڳاپيل ۽ غيرمنطقي استعمال ڪنهن به صورت …
وزيراعظم پاران ملڪي روانگي واپارين تي ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ سرچارج ختم ڪرڻ ۽ ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ جو گذريل 5 سالن جو ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي روانگي واپارين تي ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ سرچارج ختم ڪرڻ ۽ ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ جو گذريل 5 سالن جو ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪي روانگي واپارين ۾ اضافي جي لاءِ صنعتڪارن کي هر ممڪن سهولت جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ جو غيرلاڳاپيل ۽ غيرمنطقي استعمال ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قائم ڪيل ذيلي ورڪنگ گروپ جي سفارشن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي واري مملڪتي وزير اظهر بلال ڪياني، ايس آءِ ايف سي جي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ذيلي ورڪنگ گروپ جي چيئرپرسن مصدق ذوالقرنين سمورن ميمبرن جي موجودگي ۾ ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ شعبي بابت تحقيق کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. وزيراعظم ورڪنگ گروپ جي ڪم کي ساراهيو ۽ سفارشن تي مثبت انداز ۾ غور ڪندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي فوري قدم کڻڻ جا موثر حڪم جاري ڪيا. وزيراعظم ملڪي روانگي واپارين تي لاڳو ڪيل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ سرچارج کي فوري طور تي ختم ڪرڻ ۽ ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ جو گذريل 5 سالن جو عالمي معيارموجب ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ ۾ موجود رقم جي بهترين استعمال جي لاءِ نجي شعبي مان موزون چيئرمين کي چونڊيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ ۾ موجود رقم کي صرف ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي، لاڳاپيل ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، روانگي واپار جي شعبي جي افرادي قوت جي هنرمندي، سکيا ۽ عالمي معيار جي جديد سهولتن لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ٽي ڊي اي پي جي ڪردار جو اصلاحاتي جائزو ۽ نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ تحت جاري پروگرام ۽ سمورين اسڪيمن جو به ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرايو وڃي. ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ جو غيرلاڳاپيل ۽ غيرمنطقي استعمال ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي برآمدي شين جي تشهير وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي. ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ صنعتڪارن کي فوري طور تي هر ممڪن سهولت پهچائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.











