جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ صحت جي شعبي جو هڪ مثالي منصوبو هوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ صحت جي شعبي جو هڪ مثالي منصوبو هوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس (جي ايم سي) جي بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بورڊ جا ميمبر ۽ لاڳاپيل ادارن …

اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ صحت جي شعبي جو هڪ مثالي منصوبو هوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس (جي ايم سي) جي بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بورڊ جا ميمبر ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن سان تمام جلد مڪمل ٿيندو، اهو منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ صحت جي شعبي جو هڪ مثالي منصوبو هوندو. وزيراعظم جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي مختلف مرحلن ۾ فني تعاون فراهم ڪرڻ تي آغا خان فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي علاج معالجي جي سمورن تجويز ڪيل مرڪزن تي ڪم تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ جي ايم سي جي بورڊ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي منصوبي جي تعمير جي سمورن مرحلن ۾ وزيراعظم پاران مسلسل تعاون ۽ رهنمائي تي سندس ٿورا مڃيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ نه رڳو طبي خدمتون پر عالمي معيار جي طبي تربيت، تعليم ۽ تحقيق جي لاءِ گهربل سهولتن جي فراهمي تي ڪم تيزي سان جاري آهي. جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي عالمي معيارموجب آڻڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي وسيلي تحقيق ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ روبوٽڪس جو استعمال ڪيو ويندو.

مزید خبریں