ستاويهين آئيني ترميم غيرآئيني طريقن سان صدر يا وزيراعظم کي هٽائڻ جا دروازا بند ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

ملتان - 24 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ملڪ ۾ ڊگهي مدي وارو سياسي استحڪام، آئيني عملداري ۽ جمهوري تسلسل ئي قومي ترقي جا بنياد آهن. اها ڳالهه هن پنجاب بار ڪائونسل جي ملتان مان نئين چونڊيل ميمبرن ۽ هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته جڏهن هو وزيراعظم …

ملتان – 24 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ملڪ ۾ ڊگهي مدي وارو سياسي استحڪام، آئيني عملداري ۽ جمهوري تسلسل ئي قومي ترقي جا بنياد آهن. اها ڳالهه هن پنجاب بار ڪائونسل جي ملتان مان نئين چونڊيل ميمبرن ۽ هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته جڏهن هو وزيراعظم بڻيو ته پنهنجي شروعاتي تقرير ۾ هن عدليه جي بحالي هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر وسيلي ڪئي هئي، جيڪا جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي جي جدوجهد جو حصو هُئي. هن چيو ته ميثاق جمهُوريت ۾ طئي ٿيل نقطن موجب هڪ آئيني عدالت قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو. ان تسلسل ۾ 27هين آئيني ترميم غيرآئيني طريقن سان صدر يا وزيراعظم کي هٽائڻ جا دروازا بند ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وقتي صدر چيو ته ماضي ۾ حڪومتن ۽ وزيراعظمن کي غيرضروري طور تي هٽايو ويندو رهيو، جنهن کي آئيني ترميم وسيلي روڪڻ وقت جي ضرورت هئي. سيد يوسف رضا گيلاني دهشتگردي جي حوالي سان چيو ته اسان کي اولهه ۽ اوڀر بارڊرن تي سيڪيورٽي جا چئلينجز درپيش آهن، ڀارت جي پراڪسي وار ۽ افغانستان ۾ دهشتگردن جي سرگرمين خطي ۾ عدم استحڪام کي وڌايو آهي، جڏهن ته پاڪستان سدائين دهشتگردي جي خلاف ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. وقتي صدر چيو ته تازو عالمي ڪانفرنس ۾ کيس چيئرمين/ اسپيڪر طور تي نامزد ڪيو ويو جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ ملڪن جي اسپيڪرن، ڊپٽي اسپيڪرن، اڳوڻن صدرن ۽ مختلف ملڪن جي اڳوڻن وزيرن شرڪت ڪئي. سڄي دنيا جي پارليامينٽرين دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي ۽ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. وقتي صدر چيو ته ڪانفرنس جي ڏينهن اسلام آباد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ دنيا جي لاءِ وڏو پيغام هو ۽ دهشتگردي پوري انسانيت جي لاءِ خطرو آهي. وقتي صدر چيو ته قانونسازي ان وقت تائين موثر نٿي ٿي سگهي، جيستائين ان تي عملدرآمد نه ٿئي. حڪومت ۽ مخالف ڌر جو ڪردار اهم آهي، تعليم جي شعبي ۾ بهتري جي لاءِ پنهنجي ڪوششن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته گيلاني لاء ڪاليج جو قيام ۽ گيلاني اسڪالرشپ وسيلي 100 شاگردن ۾ هڪ ارب رپيا ورهايا ويا. اسڪالرشپ حاصل ڪندڙن مان ڪيترائي شاگرد تعليم جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ گيلاني لاء ڪاليج ۾ پي ايڇ ڊي پروگرام به جاري آهن. ان موقعي تي وقتي صدر پنجاب بار ڪائونسل جي دعوت قبول ڪندي چيو ته بار قانون جي حڪمراني جي لاءِ اهم ٿنڀ جي حيثيت رکن ٿا. ان موقعي تي پنجاب بار ڪائونسل جي نون چونڊيل ميمبرن خواجه قيصر بٽ، چوڌري محمد سعيد، مالڪ خان لنگا سميت هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ملتان جي صدر محمد اظهر خان مغل، جنرل سيڪريٽري صفدر حسين سرسانا، صدر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ملتان جاويد علي ڊوگر، جنرل سيڪريٽري ملڪ عدنان احمد ۽ چوڌري دائود احمد سميت هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز جا ايگزيڪيوٽو، ڪميٽي جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.

مزید خبریں