وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ضمني چونڊن ۾مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن کي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد

اسلام آباد - 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي تڪن اين اي 104، اين اي 18، اين اي 96، اين اي 143 چيچا وطني ۽ پنجاب اسيمبلي جي تڪن پي پي 115، پي پي 98 ۽ پي پي 73 تان مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن کي ضمني چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان …

اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي تڪن اين اي 104، اين اي 18، اين اي 96، اين اي 143 چيچا وطني ۽ پنجاب اسيمبلي جي تڪن پي پي 115، پي پي 98 ۽ پي پي 73 تان مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن کي ضمني چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اين اي 104 فيصل آباد تان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار دانيال احمد، اين اي 18 هري پور تان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار بابر نواز خان، اين اي 96 فيصل آباد تان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار محمد بلال بدر، اين اي 143 چيچا وطني تان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار محمد طفيل جٽ، پي پي 115 فيصل آباد تان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار محمد طاهر پرويز، پي پي 98 فيصل آباد تان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار آزاد علي تبسم ۽ پي پي 73 سرگوڌا تان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان سلطان علي رانجھا کي ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي قائد محمد نواز شريف جي ويزن، سندس بي مثال قيادت ۽ پارٽي ڪارڪنن جي محنت جي ڪري حاصل ٿي آهي. ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صوبي جي عوام جي ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت تي عوام جي اعتماد جو عڪاسي آهي. بنا ڪنهن شڪ جي ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي مسلم ليگ (ن) جي عوامي خدمت جي جذبي ۽ ڪارڪردگي تي عوام جي اعتماد جي مظهر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ضمني چونڊن ۾ عوام مسلم ليگ (ن) جي عوامي خدمت جي جذبي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جا سڀئي ڪامياب ميمبر پنهنجي پنهنجي تڪن جي ترجماني ڪندي عوامي خدمت ۾ ڏينهن رات محنت ڪندا.

مزید خبریں