اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو سينئر آفيسر اشفاق احمد خليل وفاقي سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد - 24 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينئر آفيسر اشفاق احمد خليل (بي ايس-21) کي وفاقي سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي منظوري کانپوءِ ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اشفاق احمد خليل کي ڊيپوٽيشن تي سول سرونٽس ايڪٽ، 1973ع جي سيڪشن 10 تحت فوري طور تي ۽ ٻئي حُڪم تائين …

اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينئر آفيسر اشفاق احمد خليل (بي ايس-21) کي وفاقي سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي منظوري کانپوءِ ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اشفاق احمد خليل کي ڊيپوٽيشن تي سول سرونٽس ايڪٽ، 1973ع جي سيڪشن 10 تحت فوري طور تي ۽ ٻئي حُڪم تائين سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو. واضح رهي ته اشفاق احمد خليل ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور خدمتُون سرانجام ڏيئي رهيو هو. اشفاق احمد خليل اطلاعات واري وزارت ۾ مختلف اهم عُهدن تي پُڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پشاور ۾ ڊائريڪٽر جنرل، پاڪستان سفارتخاني ٽوڪيو جاپان ۾ پريس قونصلر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کانسواءِ هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پيمرا، انفارميشن سروس اڪيڊمي ۽ پي آءِ ڊي ۾ مختلف اهم عهدن تي پُڻ فائز رهي چڪو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اطلاعات واري وزارت جي سينيئرٰ آفيسرن طارق خان، ارشد منير، اشفاق احمد خليل، عمرانه وزير ۽ سعيد احمد شيخ جا انٽرويو ڪيا ۽ انهن مان اشفاق احمد خليل جو نالو شارٽ لسٽ ڪري ان عهدي لاءِ چونڊيو ويو. اطلاعات واري وزارت موجب نئين مقرري کانپوءِ وزارت ۾ انتظامي ۽ پاليسي سطح تي تسلسل برقرار رهندو ۽ حڪومتي رابطاڪاري وڌيڪ موثر ٿيندي.

مزید خبریں