قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ايف سي هيڊ ڪوارٽر پشاور تي فتنه الخوارج جي حملي جي مذمت

اسلام آباد -24 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق  فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر پشاور تي فتنه الخوارج جي حملي جي مذمت ڪندي ٽنهي حملو ڪندڙن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۽ حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب هن حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ 3 ايف سي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن …

اسلام آباد -24 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق  فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر پشاور تي فتنه الخوارج جي حملي جي مذمت ڪندي ٽنهي حملو ڪندڙن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۽ حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب هن حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ 3 ايف سي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو. هن چيو ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪارروائين سان  قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، دهشتگردي جي خاتمي  لاءِ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي اڻٽر آهي، دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون، دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پوري قوم متحد آهي. اسپيڪر چيو ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي فورسز لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. اي

مزید خبریں