اسلام آباد -24 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڊجيٽل ۽ ڪرپٽو ڪرنسي ۾ عالمي ترقي لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي. تفصيل موجب ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين بابت مملڪتي وزير بلال بن ثاقب ورلڊ اڪنامڪ فورم جي عالمي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ميمبر چونڊجي ويو آهي. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي ڊجيٽل اثاثن واري ڪميٽي ۾ بلال بن ثاقب جي شموليت پاڪستان لاءِ اعزاز جو سبب آهي. اها ڪميٽي اهو عالمي فورم …
پاڪستان جي ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شموليت، ڪرپٽو ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ اهم اڳڀرائي

مزید خبریں
اسلام آباد -24 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڊجيٽل ۽ ڪرپٽو ڪرنسي ۾ عالمي ترقي لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي. تفصيل موجب ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين بابت مملڪتي وزير بلال بن ثاقب ورلڊ اڪنامڪ فورم جي عالمي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ميمبر چونڊجي ويو آهي. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي ڊجيٽل اثاثن واري ڪميٽي ۾ بلال بن ثاقب جي شموليت پاڪستان لاءِ اعزاز جو سبب آهي. اها ڪميٽي اهو عالمي فورم آهي جيڪو ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين ريگيوليشن تي پاليسي ۽ قانون تيار ڪندو آهي. ڊجيٽل ايسٽ گورننس جي عالمي بحث ۾ بلال بن ثاقب جي شمليت پاڪستان لاءِ اهم سنگ ميل آهي. پاڪستان جي وڌندڙ عالمي ساک جو عالمي سطح تي اعتراف، عالمي فورمز تي پاڪستان جي ڊجيٽل فنانس پاليسي نمايان آهي. واضح رهي ته پاڪستان هاڻي ڊجيٽل ايسٽ ريگيوليشن جي عالمي ڊائلاگ جو فعال حصو آهي ۽ پاڪستان عالمي ڊجيٽل معيشت ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جي راهه هموار ڪري رهيو آهي.











