خيبرپختونخوا جي گورنر پاران پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي فتنه الخوارج جي حملي جي شديد مذمت

پشاور -24 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پشاور ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي فتنه الخوارج جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته عوام کي پنهنجي پوليس، ايف سي ۽ فورسز تي فخر آهي. گورنر آفيس مان جاري بيان موجب فيصل ڪريم ڪنڊي اعليٰ اختيارين کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. گورنر حملي جي جواب ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فوري ايڪشن جي تعريف …

پشاور -24 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پشاور ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي فتنه الخوارج جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته عوام کي پنهنجي پوليس، ايف سي ۽ فورسز تي فخر آهي. گورنر آفيس مان جاري بيان موجب فيصل ڪريم ڪنڊي اعليٰ اختيارين کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. گورنر حملي جي جواب ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فوري ايڪشن جي تعريف ڪندي کين خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڪي پي ڪي جي عوام کي پنهنجي پوليس، ايف سي ۽ فورسز تي فخر آهي. هن چيو ته اسان جي سپاهين شهادتون پيش ڪري اسلام، ملڪ ۽ انسانيت جي دشنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. گورنر شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن جو چوڻ هو ته اهو حملو پرڏيهي پٺڀرائي  ۾ سرگرم خارجي دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي آهي.

مزید خبریں