صدر آصف علي زرداري پاران لبنان جي حڪومت ۽ عوام کي جمهوريه لبنان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪُون

اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري لبنان جي حڪومت ۽ ڀائر عوام کي جمهوريه لبنان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان لبنان سان پنهنجي پراڻي وابستگي کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ان گڏيل ڪارائتي تعلق کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو …

اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري لبنان جي حڪومت ۽ ڀائر عوام کي جمهوريه لبنان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان لبنان سان پنهنجي پراڻي وابستگي کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ان گڏيل ڪارائتي تعلق کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري لبنان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد واري پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته آئون لبنان جي حڪومت ۽ ڀائر عوام کي جمهوريه لبنان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ لبنان جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ اسان خطي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي مسئلن تي هڪ جهڙو موقف رکون ٿا، پاڪستان لبنان سان پنهنجي پراڻي وابستگي کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ان گڏيل ڪارائتي تعلق کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي پورو يقين آهي ته لبنان استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي مستقبل طرف اڳڀرائي جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ان ٻطرفي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جنهن ۾ عالمي فورمز تي اسان جون گڏيل ڪوششون به شامل آهن. صدر چيو ته اسان لبنان جي ان اپيل جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا ته جنگبندي جا ضامن ملڪ پنهنجا فرض پورا ڪن ۽ اسرائيل تي دٻاءُ وجهن ته هو پنهنجون جارحاڻيون ڪارروايون بند ڪري، اسرائيلي قابض فوج کي جنگبندي تحت طئي ٿيل معاهدي موجب ڏکڻ لبنان مان واپس وڃڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان اسرائيل جي لبنان جي خلاف فوجي جارحيت، لبناني خودمختياري جي ڪيترائي ڀيرا خلاف ورزين ۽ شهري علائقن تي حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو جيڪا عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ جنگبندي جي معاهدي جي واضح خلاف ورزي آهي، اسان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته جنگبندي تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ بي گهر ٿيندڙ لبناني شهرين جي محفوظ واپسي ۾ مدد ڪئي وڃي. صدر چيو ته پاڪستان لبناني عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اڄ جڏهن لبنان پنهنجو آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي، پاڪستان جي عوام پنهنجي لبناني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهي، پاڪستان لبنان کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو رهندو ۽ گڏيل احترام، گڏيل امنگن ۽ مضبوط دوستي تي ٻڌل مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪري ٿو.

مزید خبریں