برسلز -22 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين انڊو پيسيفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي مالديپ جي پرڏيهي وزير عبدالله خليل سان ملاقات ڪئي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب بنهي وزيرن واپار، رابطن ۽ موسمياتي ريسيلنس ۾ ٻه طرفي سهڪار جي ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گڏيل ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهڻ رخي پليٽ فارمز ذريعي باقاعده رابطي ۾ رهڻ …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مالديپ جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

مزید خبریں
برسلز -22 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين انڊو پيسيفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي مالديپ جي پرڏيهي وزير عبدالله خليل سان ملاقات ڪئي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب بنهي وزيرن واپار، رابطن ۽ موسمياتي ريسيلنس ۾ ٻه طرفي سهڪار جي ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گڏيل ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهڻ رخي پليٽ فارمز ذريعي باقاعده رابطي ۾ رهڻ جي اهميت تي زور ڀريو.











