نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪروشيا جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

برسلز -22 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪروشيا جي پرڏيهي وزير گورڊن ريڊ مين سان چوٿين يورپي يونين انڊو پيسيفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران هنن علائقائي ۽ عالمي صورتحال، سياسي ۽ اقتصادي سهڪار کي اڳتي وڌائڻ سميت ٻه طرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي پاڪ-ڪروشين مصروفيت کي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون. نائب …

برسلز -22 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪروشيا جي پرڏيهي وزير گورڊن ريڊ مين سان چوٿين يورپي يونين انڊو پيسيفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران هنن علائقائي ۽ عالمي صورتحال، سياسي ۽ اقتصادي سهڪار کي اڳتي وڌائڻ سميت ٻه طرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي پاڪ-ڪروشين مصروفيت کي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون. نائب وزيراعظم ڪروشيا جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.

مزید خبریں