باڪو -22 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي اثرائتي حڪمت عملي تحت فيڪٽ چيڪنگ نظام واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته فيڪ نيوز دنيا جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ڊي ايٽ جي ميمبر ملڪن کي پنهنجي گڏيل ميڊيا پاليسي ذريعي غلط ڄاڻ جو مقابلو ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن اقتصادي سهڪار بابت ڊي ايٽ جي …
وفاقي وزير عطاالله تارڙ جي ڊي ايٽ سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

مزید خبریں
باڪو -22 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي اثرائتي حڪمت عملي تحت فيڪٽ چيڪنگ نظام واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته فيڪ نيوز دنيا جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ڊي ايٽ جي ميمبر ملڪن کي پنهنجي گڏيل ميڊيا پاليسي ذريعي غلط ڄاڻ جو مقابلو ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن اقتصادي سهڪار بابت ڊي ايٽ جي سيڪريٽري جنرل ايمبيسيڊر اسياڪا عبدالقادر امام سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڊي ايٽ ميمبر ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار خاص ڪري ميڊيا جي شعبي ۾ لاڳاپن، فيڪ نيوز سميت اهم عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير چيو ته فيڪ نيوز تي مڪمل ڪنٽرول کان سواءِ ڊي ايٽ ملڪن جو گڏيل بيانيو مضبوط نٿو ٿي سگهي، کين پنهنجي گڏيل ميڊيا پاليسي ذريعي غلط ڄاڻ جو مقابلو ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ ڊي ايٽ ملڪن وچ ۾ ثقافتي رابطن کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. وفاقي وزير چيو ته ثقافتي سهڪار سان خطي ۾ هم آهنگي ۽ هاڪاري اميج کي هٿي ممڪن آهي. ثقافت، سڌ سماءَ ۽ ٽيڪنالاجي جي ڀائيواري سان ڊي ايٽ ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن عالمي سطح تي اقتصادي ترقي ۽ خطي جي امن لاءِ ڊي ايٽ جي سيڪريٽري جنرل جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سندس اڳواڻي ۽ تجربي سان ڊي ايٽ جا مقصد پورو ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. سيڪريٽري جنرل چيو ته ڊي ايت جي ميمبر ملڪن جي ڪاميابي جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته هو هڪٻئي جي ترقي ۾ ڪهڙي حد تائين مددگار ثابت ٿين ٿا. هن چيو ته ميڊيا جي شعبي ۾ هڪٻئي جي تجربن مان سکڻ، گڏيل ٽريننگز ۽ ورڪشاپس منعقد ڪرڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي هڪ مضبوط، هاڪاري بيانئي جي جوڙجڪ لاءِ ڊي ايٽ جي پليٽ فارم تي سهڪار کي مستحڪم ڪرڻو پوندو.











